اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران سرور خان کي هٽائڻ واري درخواست رد

اسلام آباد :- اسلام آباد هائيڪورٽ، هوابازي واري وزير غلام سرور خان کي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته وزير جي بيان سان ملڪ جو نقصان ٿيو آهي ته ايڪشن وٺڻ جو اختيار وزيراعظم وٽ آهي. اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله هوابازي واري وزير غلام سرور خان کي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ڏيندڙ طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته غلام سرور خان قومي اسميبليءَ ۾ خطاب دوران چيو ته 30 سيڪڙو پائليٽن جا لائسنس جعلي آهن، سندس بيان سبب پي آءِ اي جي ساک متاثر ٿي ۽ يورپي يوينن ڇهن مهينن لاءِ اڏامن تي پابندي مڙهي. عدالت دليل ٻڌڻ  بعد درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو،  جيڪو ڪجهه دير ۾ ٻڌايو ويو. فيصلي ۾ عدالت هوابازي واري وزير غلام سرور خان کي عهدي تان هٽآئڻ واري درخواست رد ڪندي چيو ته عدالت بيانن وارو معاملو ايگزيڪيٽو تي ڇڏي ٿي. چيف جسٽس اطهر من الله اٺن صفهن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ غلام سرور خلاف ايڪشن جو اختيار وزيراعظم کي ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته بيان سان ملڪ جو نقصان ٿيو آهي ته ايڪشن وٺڻ جو اختيار وزيراعظم وٽ آهي