اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران جيلن مان قيدين کي آزاد ڪرڻ خلاف داخل ڪيل اپيل تي ٻڌڻي

اسلام آباد :- سپريم ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس سبب جيلن کان قيدين جي آزادي خلاف اپيل تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته قيدين جي آزادي بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو قانون مطابق ناهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به ڪنهن بادشاهه شاهي فرمان جاري ڪيو آهي، ملڪ ۾ قانون مطابق ڪم ڪرڻو آهي، ڪير به پاڻ کي بادشاهه سمجهي فرمان جاري نٿو ڪري سگهي. چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ بينچ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران جيلن مان قيدين کي آزاد ڪرڻ خلاف داخل ڪيل اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته سڀ کان پهرين هاءِ ڪورٽن جي دائري اختيار جو جائزو وٺڻو آهي، ملڪ ۾ جيڪو به ڪم ڪرڻو آهي قانون مطابق ڪرڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته ڪير به پاڻ کي بادشاهه سمجهي فرمان جاري ڪري، ڪهڙي قانون تحت ڏوهارين کي آزاد ڪري سگهجي ٿو؟. چيف جسٽس چيو ته اڳ ئي ڏوهارين کي پڪڙڻ وڏو مشڪل آهي، ڏوهارين جو ڪو هڪ ٺڪاڻو ناهي هوندو، پوليس به ڪورونا معاملي م مصروف آهي، اهڙي حالتن م ڏوهارين کي ڪيئن روڊ تي نڪرڻ ڏيون؟ چيف جسٽس چيو ته ڪراچي ۾ قيدين کي ضمانتون ملڻ بعد ڌاڙا شروع ٿي ويا آهن، ڪراچي ڊفينس جو علائقو ڦورن جي ڪنٽرول ۾ آهي، ڊفينس ۾ ڏوهاري رات جو ڪورونا وائرس جي مريض جي چيڪنگ جي بهاني ڌاڙو هڻي ويندا آهن. چيف جسٽس چيو ته جڏهن کان هاءِ ڪورٽ ضمانتون ڏنيون آهن ڌاڙا وڌي ويا آهن، زميني حقيقتون سامهون رکي فيصلا ڪرڻ گهرجن. چيف جسٽس چيو ته ڪرپشن ڪرڻ وارو جو ڪاروبار به لاڪ ڊائون سبب بند ٿي ويو آهي، سنڌ ۾ ڪرپشن جي ڏوهارين کي به آزاد ڪيو ويو آهي. اٽارني جنرل عدالت کي چيوته آئون سنڌ جي معاملي تي ڪوبه تبصرو نٿو ڪرڻ چاهيان، جنهن تي چيف جسٽس چيوته ڪرپشن ڪندڙن کي روز پيسا ڪمائڻ جو چسڪو لڳل آهي، ڪرپشن جي بک روزي جي بک کان وڌيڪ آهي، ڪرپشن ڪندڙن کي موقعو نه مليو ته هو ٻيا ڏوهه ڪندا. جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيلون خالي ڪرڻ سان ڪورونا وائرس ختم نه ٿيندو، قيدين جي تحفظ جي لاءِ قانون ۾ طريقو موجود آهي، جڏهن ته جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته قانون چوي ٿو ته متاثر قيدين کي قرنطينه ۾ رکيو وڃي. اٽارني جنرل چيو ته جيلن م ڪورونا وائرس پکڙيو ته الزام سپريم ڪورٽ تي لڳندو، جنهن ته چيف جسٽس چيو ته عدالت قانون کي ڏسندي آهي، جنهن جي الزام جي پرواهه ناهي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم سان 829 قيدين مان 519 قيدي آزاد ٿي چڪا آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيوته ڏوهارين کي ائين ڇڏڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو، آزاد ٿيندڙ ڏوهاري ٻين جون زندگيون خطري ۾ وجهي ڇڏيندا. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته قيدين جي آزادي واري فهرست ڪنهن تيار ڪئي آهي، سڀني پنهنجي عزيزن کي آزاد ڪيو هوندو؟ جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ 26 مارچ تي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ فهرست به تيار هئي، لڳي ٿو ته فهرست اڳ ئي تيار ڪئي وئي هئي. جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته ڇا نيب ڪيسن ۾ ملوث جوابدار به معمولي ڏوهن ۾ اچن ٿا؟، جيڪي ڪورونا جا متاثر هوندا آهن انهن کي قرنطينه م رکيو ويندو آهي، جيلن مان قيدين کي ڇو آزاد ڪيو پيو وڃي اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته جيڪي قيدي آزاد ڪيا پيا وڃن اهي خطرناڪ آهن، سڪون سان ويٺل ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ وڌيون پيون وڃن.