اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صحافي احتشام ڪياني جي گرفتاري نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد :- اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافي احتشام ڪياني جي گرفتاري، چيف جسٽس نوٽيس وٺي ڇڏيو، چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله پوليس جي اعليٰ عملدارن کي فوري طلب ڪري ورتو، صحافي حامد مير جو چوڻ آهي ته مون کي به منهنجي وڪيل سميت عدالت ايندي روڪيو ويو هو، عدالت پاران صحافي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ چيو ته مسئلي کي فوري طور حل ڪيو وڃي، هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته پوليس صحافي کي چيو ته چيف جسٽس جي چوڻ تي گرفتار ڪري رهيا آهن، پوليس پاران صحافي سان بدتميزي، بعد ۾کيس گرفتاري ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو هو.