اسلام آباد مان جي يو آءِ ف جو مرڪزي اڳواڻ مفتي ڪفايت الله گرفتار

اسلام آباد :  جي يو آءِ ف جي مرڪزي اڳواڻ مفتي ڪفايت الله کي گرفتار ڪيو ويو آهي. مفتي ڪفايت الله جي خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته کيس مانسهره ۽ اسلام آباد پوليس ڪي اليون ۾ گڏيل ڪارروائي ڪري گرفتار ڪيو آهي. رات دير سان سندس گرفتاري عمل ۾ آئي. خانداني ذريعن موجب پوليس مفتي ڪفايت الله کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.جي يو آءِ ف اڳواڻ مفتي ڪفايت الله گذريل ڏينهن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ مانسهره کان اسلام آباد پهتو هو. جتي کيس گرفتار ڪيو ويو. پوليس ذريعن موجب مفتي ڪفايت الله کي ٿري ايم پي او ايڪٽ تحت گرفتار ڪيو ويو آهي.ٻئي پاسي اسلام آباد پوليس جي اختيارين بيان جاري ڪندي چيو آهي ته مفتي مفايت الله جي گرفتار سان اسلام آباد پوليس جو ڪوبه واسطو نه آهي، جيڪڏهن ڪنهن ٻئي صوبي جي پوليس ڪارروائي ڪئي آهي ته اُن حوالي سان به وفاقي پوليس کي ڄاڻ نه ڏني وئي آهي.