اسلام آباد جي علائقي بارا ڪهو ۾ جي يو آءِ جَي مقامي اڳواڻ اڪرام الله سميت 3 ڄڻن جَي قتل جو ڪيس داخل

اسلام آباد := اسلام آباد جي علائقي بارا ڪهو ۾ جي يو آءِ جَي مقامي اڳواڻ اڪرام الله سميت 3 ڄڻن جَي قتل جو ڪيس داخل: انتظاميا ۽ مظاهرين ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد ڌرڻو ختم، مظاهرين بارڪهو مان مقتولن جا لاش کڻي روانا، مري ويندڙ روڊ بند ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته وفاقي راڄڌاني ۾ شهرين جو سرعام قتلام حڪومت جِي ناڪامي جو ثبوت آهي، قاتلن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي