اسلام آباد جي احتساب عدالت جو اڳوڻو جج ارشد ملڪ ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور :- اسلام آباد جي احتساب عدالت جو اڳوڻو جج ارشد ملڪ ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو، جج ارشد ملڪ کي ڪجهه وقت اڳ ڪورونا سبب لاهور جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، اڳوڻي جج ارشد ملڪ العزيزيه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي 7 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي، مبينا آڊيو ۽ وڊيو جي اسڪينڊل تي سپريم ڪورٽ طرفان نوٽيس وٺڻ بعد کيس برطرف ڪيو ويو هو.