اسلام آباد جيان پورو ملڪ بند ڪري ڏيکارينداسين، اسان وٽ ٻيو ڪوبه آپشن ناهي، حڪمرانن کي گهر وڃڻو پوندو: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد:  مولانا فضل الرحمان اعلان ڪيو آهي ته اسلام آباد جيان پورو ملڪ بند ڪري ڏيکارينداسين، اسان وٽ ٻيو ڪوبه آپشن ناهي، حڪمرانن کي گهر وڃڻو پوندو، عوام کي ووٽ جو حق ڏيڻو پوندو، اليڪشن ڪميشن اسان کان وڌيڪ بيوس، فارن فنڊنگ جو فيصلو اڄ تائين نه ٿي سگهيو.جميعت علماءِ اسلام جي امير مولانا فضل الرحمان جو آزادي مارچ جي شريڪن کي خطاب ۾ چوڻ هو ته مسئلو ڪنهن هڪ شخص جي استعيفيٰ جو ناهي پر قوم جي امانت جو آهي، هنن حڪمرانن کي وڃڻو پوندو ۽ عوام کي ووٽ جو حق ڏيڻو پوندو، ان کان علاوه هاڻ ڪو ٻيو وس ناهي، ڪارڪن ڊي چوڪ جو چئي رهيا آهن پر اتي جاءِ گهٽ آهي، هتي کليل جاءِ آهي، اسان هتان کان وينداسين ته اڳڀرائي سان وينداسين.هن چيو ته اسان کي چئي رهيا آهن ته اليڪشن ڪميشن ۾ وڃي شڪايت ڪريو، اليڪشن ڪميشن ته اسان کان به وڌيڪ بيوس آهي، اليڪشن ڪميشن بيوس نه هجي ها ته عوام جو ايڏو وڏو تعداد هتي نه هجي ها.حڪومت تي تنقيد ڪندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته اوهان حساب گهرو ٿا پر پاڻ ڪنهن اداري آڏو پيش ٿيڻ لاءِ تيار ناهيو، فارن فنڊنگ ڪيس اليڪشن ڪميشن جي ٻڌڻي هيٺ آهي پر اڃان تائين فيصلو ناهي ٿيو.هن جو چوڻ هو ته هن قومي اسيمبلي ۾ موجود سمورين اپوزيشن پارٽين اهو گڏيل فيصلو ڪيو هو ته پنهنجن مطالبن لاءِ اليڪشن ڪميشن وٽ نه وينداسين پر ان لاءِ پارلياماني ڪميتي جوڙي وئي پر هڪ سال ٿيڻ جي باوجود ان جو اڃان تائين اجلاس به نه ٿيو.مولانا فضل الرحمان چيو ته مان هڪ ڳالهه واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته هي هڪ تحريڪ آهي، هتي احتجاج رڪجندو نه پر پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندو، اسان اسلام آباد بند ڪري ڏيکاريو پر جيڪڏهن اسان جا مطالبا قبول نه ٿيا ته آئندا پورو پاڪستان بند ڪري ڏيکارينداسين. جميعت علماءِ اسلام ف جي امير چيو ته هاڻ فيصلو عوام جو ووٽ ڪندو، عوام جي ووٽ کي عزت ڏيڻي پوندي، عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هڻڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، آئين سپريم آهي، ان جي بالادستي کي يقيني بڻائينداسين، مقصد جي حاصلات لاءِ جنگ جاري رکنداسين.