اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي خلاف ڪرپشن جي الزامن تي ٽرائل 17 مارچ کان شروع ٿيندو

يروشلم: اسرائيل جي عدالت وزيراعظم نيتن ياهو تي لڳايل ڪرپشن جي الزامن جو ٽرائل ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي 2 هفتن کان پوءِ 17 مارچ کان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسرائيلي عدالت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس جي شروعاتي ٻڌڻي ۾ وزيراعظم نيتن ياهو پيش ٿي سگهي ٿو. اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو تي رشوت، ڌوڪو ڏيڻ ۽ ارب پتي دوستن مان فائدا وٺن جا الزام آهن جڏهن ته عدالت ان تي فرد جرم به لاڳو ڪري چڪي آهي پر نيتن ياهو پنهنجي مٿان لڳل سمورن الزامن کي رد ڪندي کيس سياسي انتقام قرار ڏنو آهي. اسرائيلي قانون موجب موجوده وزيراعظم جي نااهلي جي لاءِ ڪنهن به ڏوهه ۾ هڪ ڀيرو سزا گهربل هوندي آهي جنهن کان پوءِ اپيل جا سمورا رستا بند ٿي ويندا آهن. ٻئي طرف اسرائيل ۾ هڪ سال دوران ٽيون ڀيرو ٿيندڙ پارلياماني چونڊون 2 مارچ تي ئي ٿينديون ان کان اڳ 2 ڀيرا ٿيندڙ چونڊن جو ڪوبه نتيجو نه نڪري سگهيو هو. اسرائيلي سياست ۾ قدم رکندڙ اسرائيلي فوج جي اڳوڻي چيف ۽ بليو اينڊ وائٽ پارٽي جي اڳواڻ بيني گينٽز جو چوڻ آهي ته نيتن ياهو پنهنجي چونڊ مهم ۾ ڪرپشن جي الزامن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي.