اسرائيلي وزيراعظم جِي سعودي ولي عهد شهزادَي محمد بِن سلمان سان ڳجهي ملاقات جو انڪشاف

ڪراچي :- اسرائيلي وزيراعظم جِي سعودي ولي عهد شهزادَي محمد بِن سلمان سان ڳجهي ملاقات جو انڪشاف ٿيو آهي. اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعظم بن يامين نَيتَن ياهُو آچر ڏينهن سعودي عرب جو ڳجهو دورو ڪيو ۽ سعودي ولي عهد شهزادَي محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي، اسرائيلي اختيارين اِها به دعويٰ ڪئي ته ان اڻ اعلانيل ملاقات ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو به موجود هو جيڪو ان وقت يورپ ۽ وچ اوڀر جي 8 ملڪن جي دوري تي هو. پنج ڪلاڪن تي ٻڌل اسرائيل ۽ سعودي عرب جي اعليٰ سطح جي ملاقات تبوڪ جي شهر نيوم ۾ ٿي. ان کان ڪيترائي ڪلاڪ اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير چيو هو ته ولي عهد سان ملاقات ۾ هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي. اڏامن جي ڊيٽا رکندڙ ويب سائيٽ ”فلائٽ ريڊار 24 ڊاٽ ڪام“ تي تل ابيب جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان خانگي جيٽ جهاز گلف اسٽريم IV جي 5 لڳي 40 منٽن تي اڏام ڀرڻ ۽ سعودي عرب جي شهر نيوم ۾ لينڊنگ ۽ 5 ڪلاڪن کان پوءِ ساڳي رستي کان تل ابيب واپسي جي ڊيٽا موجود آهي. سعودي عرب، ولي عهد جِي اسرائيلي وزيراعظم سان ملاقات وارين خبرن جِي ترديد ڪري ڇڏي