اسد قيصر عرفان صديقي کي هٿڪڙيون هڻڻ بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.

اسلام آباد :- قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اسد قيصر عرفان صديقي کي هٿڪڙيون هڻڻ بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان فون تي رابطو ڪيو.  اسد قيصر چيو ته عرفان صديقي بزرگ استاد ۽ سينئر صحافي آهي، اسان کي قلم جي تقدس ۽ اظهار جي آزادي جو احترام ڪرڻو پوندو.  هن چيو ته مسواڙي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي هٿڪڙي هڻڻ مذمت جوڳو عمل آهي.  اسپيڪر اسد قيصر آءِ جي اسلام آباد کي سڀاڻي رپورٽ سميت پارليامينٽ طلب ڪري ورتو آهي.