اسد دراني جون “را” سان رابطن جون شاهديون موجود آهن: دفاع واري وزارت پاران عدالت ۾ جواب جمع

اسلام آباد := دفاع واري وزارت ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ اسد دراني جو نالو اي سي ايل تان ڪڍڻ واري معاملي بابت عدالت ۾ جواب جمع ڪرائيندي چيو آهي ته ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ اسد دراني 2008ع کان را سان رابطن ۾ آهي ۽ ٻين ملڪ دشمن عنصرن سان به 2008ع کان رابطي ۾ آهي. تحريري جواب موجب ڀارتي ڳجهي ايجنسي جي اڳوڻي سربراهه اي ايس دلت سان ملي اسپاءِ ڪرانيڪلز نالي ڪتاب لکيو، ڪتاب جي جائزي بعد معلوم ٿيو ته ان جو مواد آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ 1952 جي ڀڃڪڙي آهي. وزارت دفاع پنهنجي جواب ۾ ڄاڻايو آهي ته اسد دراني جو ان ڪتاب لاءِ ٻاهر وڃڻ، پينل انٽرويو يا بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ حصو وٺڻ قومي سلامتي جي خلاف آهي، موجود قانون موجب اهڙو ڪوبه ماڻهو ملڪ کان باهر نٿو وڃي سگهي جنهن تي ملڪ خلاف سازش جو الزام هجي. وزارت دفاع عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته اسد دراني جو نالو اي سي ايل مان نه هٽايو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيس جي ٻڌڻي فيبروري جي ٻئي هفتي ۾ متوقع آهي