استنبول کان ايندڙ 22 مسافرن جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي وئي

اسلام آباد : استنبول کان اسلام آباد پهچندڙ 22 مسافرن جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آئي آهي.ترڪي جي شهر استنبول کان 193 مسافر قومي ايئرلائن جي اڏام ذريعي گذريل ڏينهن ڏيهه پهتا هئا، جن جون ٽيسٽون ڪيون ويون ته 22 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي، جنهن کانپوءِ کين اسپتال جي ٽن هوٽلن ۾ قرنطينه ڪيو ويو آهي.هوڏانهن سول ايوي ايشن اٿارٽي عالمي اڏامن لاءِ نئون هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب مسافرن ۽ جهاز جي ڪريو کي 24 ڪلاڪن لاءِ لازمي قرنطينه ۾ رکيو ويندو.واضح رهي ته ڪينيڊا کان اڏام آڻيندڙ پي آءِ اي جي ٻن پائليٽن ۾ به ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.