استاد بخاري:سنڌ جو سُونهون ۽ ويڄُ شاعر

انسانَ پنهنجي تفڪر، تخيل ۽ محسوسات جو حَسين اظهار جن تخليقي شعبن ۾ ڪيو آهي، انهن ۾ شاعريءَ جو وڏو درجو آهي. انهيءَ ڪري ئي شاعريءَ کي رڳو انسان جو انفرادي ۽ داخلي فڪر، تخيل ۽ احساس ئي نه پر ان کي قومن، طبقن ۽ معاشرن جي روحاني ۽ احساساتي تاريخ به سڏيو ويندو آهي. شاعريءَ مان به خبر پوندي آهي ته هر دور جي سماجن ۽ ان جي مختلف حصن جا خيال، احساس، ارمان، خواب ۽ تخليق جا بنياد يا محرڪ ڇا هئا! سنڌي شاعريءَ جو ڪلاسيڪل دور ته رڳو هڪ لاکڻي لطيف جي ڪري ئي سڀني دورن تي حاوي آهي ۽ رهندو پر سنڌي شاعريءَ جو جديد دور به گهٽ اهم ناهي. ڪشنچند بيوس، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، استاد بخاريءَ سميت هڪ وڏو ڀرپور دور آهي، جنهن ۾ نئين نسل جا به انيڪ باڪمال شاعر اچي وڃن ٿا. مان سمجهان ٿو ته ويهين صديءَ ۾ سنڌ ٻه عظيم شاعر پيدا ڪيا، هڪ شيخ اياز ۽ ٻيو استاد بخاري. ٻنهيءَ جون خوشبختيون به پنهنجون آهن ته ڪمزوريون به. شيخ اياز تي تمام گهڻو لکيو ويو، جنهن جي ڪري هو سنڌ جي پڙهيي لکيي طبقي ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو پر جيئن ته شيخ اياز کي عوامي سطح تي گهٽ ڳايو ويو آهي، ان ڪري هو عوام ۾ ايترو مقبول ناهي. جڏهن ته سندس ڀيٽ ۾ استاد بخاري عوامي سطح تي تمام گهڻو ڳايو ويو آهي، ان ڪري هو عوام ۾ ته تمام گهڻو مقبول آهي پر افسوس جو جيئن ته بخاريءَ جي شاعريءَ تي سندس شاعريءَ جي پرک جي حوالي سان لکيو گهٽ ويو آهي، ان ڪري سنڌ جو پڙهيو لکيو طبقو هن کي رڳو سندس ڳايل شاعريءَ جي نسبت سان ئي سڃاڻي ٿو. جڏهن ته حقيقت اِها آهي ته استاد بخاريءَ جي ڳايل شاعريءَ جو رومانوي پاسو سندس گهڻ رنگي شاعريءَ جو رڳو هڪ پاسو آهي. ان ڪري استاد بخاريءَ کي گهڻي ڀاڱي ماڻهو رڳو عوامي يا رومانوي شاعر طور ئي سڃاڻن ٿا. حقيقت اِها آهي ته بنيادي طور استاد بخاري هڪ مفڪر شاعر آهي ۽ جيڪڏهن هو عوامي شاعر آهي ته ان معنيٰ ۾ هرگز نه ته هن جا خيال هڪ جهالتن ۽ عقيدن جي وَرِ چڙهيل عوام جي سطح جا آهن يا انهن جي سوچ جا ترجمان آهن. استاد بخاري هن معنيٰ ۾ عوامي شاعر آهي جو هو عوام لاءِ شاعري ڪري ٿو. عوام کي عشق، جدوجهد، جستجو، قربانيءَ، سورهيائيءَ جا نوان تصور ڏئي ٿو ۽ سندن سوچ، احساس ۽ عمل جي مِٽي نئين سِر ڳوهي، کين جهالتن، عقيدن ۽ خودفريبين جي ڌٻڻ مان ڪڍي، پنهنجي ۽ سماج جي قسمت بدلائيندڙ عوام ۾ تبديل ڪري ٿو. ان ڪري استاد بخاري جيڪڏهن عوامي شاعر آهي ته رواجي معنيٰ ۾ نه پر انقلابي معنيٰ ۾ آهي.
منهنجي خوشبختي آهي جو استاد بخاريءَ سان منهنجو تمام ويجهو لاڳاپو رهيو. هڪ ته هو منهنجي بابا جو دوست هو جو بابا گورنمينٽ ڪاليج دادوءَ ۾ ڳچ عرصو پروفيسر طور پڙهايو هو ۽ اُن زماني ۾ استاد بخاري ساڳئي ڪاليج ۾ ليڪچرار هو پر حقيقت اِها آهي ته بخاري صاحب سان منهنجي ادبي ۽ فڪري دوستي بنهه ذاتي نوعيت جي به هئي، ان حد تائين جو سنڌ يونيورستيءَ ۾ پڙهائيءَ دوران هو مون وٽ هوشو هاسٽل تي به اڪثر ملڻ ايندو هو، هن جا مون ڏي لکيل انيڪ خط اڄ به مون وٽ ساهَه سان سانڍيل آهن. انهن ۾ ڪجهه خط ته اهڙا به آهن جن ۾ هن پنهنجا تازا نظم پهرين پهرين مون ڏانهن اُماڻيا هئا.
مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ شيخ اياز کي عوامي سطح تي ڳائڻ ۽ استاد بخاريءَ تي پارکو نظر سان لکڻ جي ضرورت آهي ته جديد سنڌ جي هنن ٻن عظيم شاعرن مان هڪ جو عوام سان ۽ ٻئي جو سنڌ جي پڙهيي لکيي طبقي سان حقيقي تعارف ٿي سگهي. مون استاد بخاريءَ جي مڪمل شايع ٿيل شاعريءَ کي وڏي ڌيان ۽ گِهرائيءَ سان بار بار پڙهيو آهي ۽ سندس شاعريءَ جي فڪر، ٻوليءَ، تخليقي فني تجربن ۽ ان جي سماجي ڪارج تي هڪ جامع ڪتاب پڻ لکي رهيو آهيان، جيڪو افسوس جو گهڻين مصروفيتن سبب اڃا تائين پورو نه ڪري سگهيو آهيان، پر استاد بخاريءَ جو اهو مون تي قرض آهي، جيڪو مان هڪ محبتي قرض طور ضرور ادا ڪندس.
مون استاد بخاريءَ کي هميشه هڪ سادي، نِج نِبار ۽ بيحد معصوم صفت ماڻهوءَ طور ڏٺو. هو پنهنجي سوچ، روح ۽ مزاج ۾ هڪ مڪمل شاعر هو. هو هر وقت تخيلاتي ڪيفيت ۾ رهندو هو ۽ اهو ئي سبب هو جو هلندي، ڦرندي، سفر ۾، جاڳندي، سُتي هن تي شاعريءَ جو مينهن پيو وَسندو هو. مان سمجهان ٿو ته شايد ان مزاج ۽ ڌيان کان سواءِ ڪو ماڻهو وڏو شاعر يا آرٽسٽ ٿي به نه ٿو سگهي. تفڪر ته ماڻهوءَ ۾ ٿي سگهي ٿو پر جيستائين تفڪر ۽ تخيل کي اظهار جي حُسناڪيءَ سان نٿو سلهاڙجي تيسين عظيم فن يا شاعري تخليق ٿي ئي نه ٿي سگهي. استاد بخاريءَ ۾ اِهي ٽئي عنصر ڪمال سگهه ۽ نفيس توازن سان موجود آهن. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن شاعريءَ ۾ رڳو تفڪر هجي ۽ تخيل ۽ اظهار جي حُسن جو پاسو ڪمزور هجي ته اردوءَ جي وڏي ترقي پسند شاعر مخدوم محي الدين جيان شاعريءَ ۾ نفاست بجاءِ ڪرختگي حاوي ٿيو وڃي ۽ جي تخيل وري تفڪر کان وانجهيل آهي ته پوءِ شاعريءَ جي حيثيت ٺلهي خيال آرائيءَ يا ذهني اختراع کان وڌيڪ ناهي ۽ شاعريءَ ۾ فن يا ٻولي دراصل خيال ۽ فڪر جو لباس آهي، ان ڪري ظاهر آهي ته حَسين خيال، تصور ۽ فڪر کي لباس به ڪوجهو نه گهرجي. ان ڪري ئي شاعريءَ ۾ تفڪر، تخيل ۽ جماليات جو نفيس توازن هئڻ بيحد ضروري آهي. سنڌ جي هنن ٻنهي جديد عظيم شاعرن يعني شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ ۾ اهو توازن ڪمال درجي تي پهتل نظر اچي ٿو.
منهنجيءَ نظر ۾ استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي هيٺين پاسن تي تخليقي تحقيق ۽ تنقيد يعني پرک ٿيڻ گهرجي ۽ مون به پنهنجي ڪتاب ۾ استاد بخاريءَ جي انهن ئي پاسن کي کنيو آهي.
(1) جيتوڻيڪ استاد بخاري هڪ نهايت گهڻ-رنگو شاعر آهي، جنهن کي عام طور تي هڪ عوامي رومانوي شاعر سمجهيو وڃي ٿو پر مان سمجهان ٿو ته استاد بخاري پنهنجي ڳَرُ ۽ جوهر ۾ بنيادي طور هڪ رومانوي انقلابي شاعر آهي. واضح هجي ته انقلابيءَ جو مطلب نعري بازي ناهي پر اهو فڪر آهي، جيڪو دنيا کي نه رڳو گهرائيءَ سان سمجهڻ جو شعور ڏي پر ان کي تبديل ڪرڻ جو شعور به ڏئي. استاد چيو:
وقت هجي روهيلو رِڻ پَٽُ،
ڏينهنَ ضرور ته ٿُوهَر هوندا،
ذِهَن جتي اُونداهيون غارون،
فڪر اُتي ڪارِيهَر هوندا.
استاد جي تفڪر ۽ فني اظهار جو ڪمال ته ڏسو ته هو جهالت ۽ عقيده پرست سوچن تي ٻڌل فڪر کي “ڪاريهر فڪر” سان تشبيهه ٿو ڏئي. الميو اهو آهي ته استاد جي حقيقي انقلابي شاعري گهٽ ڳائي وئي آهي. پليجي صاحب ڪجهه سالن کان سندس چونڊ انقلابي شاعريءَ کي ڳائرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اڃا تائين اهو سلسلو هيٺ عوامي سطح تي نه لهي سگهيو آهي. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو اصل روح سندس فڪري انقلابيت آهي، جنهن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ضرورت آهي.
(2) ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته بخاري هڪ غيرمعمولي رومانوي شاعر آهي. رومانويت هن جي شاعريءَ سان گڏ هن جي مزاج ته ڇا پر رَڳِ رَڳِ ۾ سمايل هئي. پر هن جي رومانويت جو ڪمال اِهو آهي ته هڪ طرف هن جا رومانوي رويا نِج ڳوٺاڻي سماج بلڪه روايتي سنڌي رواجي سماج جا آهن پر ٻئي طرف هو هميشه رومانويت کي مقصديت ڏانهن کڻي ٿو وڃي ۽ اهو بخاريءَ جو ڪمال آهي، اهو ساڳيو ڪمال اسان کي فيض احمد فيض وٽ به ملي ٿو. مثال طور سندس هيءُ تصور ڏسو. جيڪو بخاري چوي ٿو:
هِڪ موت مُئي جو ڀئو سُهڻا،
ٻيو تومان نه ٿو ٿئي ڍئو سهڻا.
اهو وري هيئن به چوي ٿو ته:
ليليٰ سان ڪَيُئي پيار، او مجنون! ڇا ٿيو!؟
اکرن سان رکڻ چاهه وڏي مشڪل آ!
مُردن ۾ وِڌئي ساههُ، او عيسيٰ ڇا ٿيو!؟
لفظن ۾ وِجهڻ ساهه، وڏي مشڪل آ.
استاد بخاريءَ جي شاعريءَ کي گِهرائيءَ سان پڙهبو ته واضح نظر ايندو ته هن جي رومانويت هڪ فرد کان ٿيندي عوامي ۽ قومي رومانويت ته ڇا پر ڪائنات گير ٿي وڃي ٿي. اِها ئي اُها ڪمال جي خوبي آهي، جيڪا استاد بخاريءَ کي هڪ داخليت پسند روايتي رومانوي شاعر بدران هڪ سماجي مفڪر، انقلابي رومانوي شاعر جو درجو ڏئي ٿي. هو پنهنجي رومانوي سڀاءَ ۾ ڪنهن به هڪ انتها جو شڪار نه ٿو ٿئي پر هن وٽ رومانويت جي روايت جو به امتزاج ئي نه پر حَسين توازن به آهي.
(3) استاد بخاري سنڌ جو عاشق شاعر آهي ۽ سنڌ هن جي محبت جو محور آهي. ان ڪري بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ قومي شعور وڏيءَ شدت ۽ گِهرائيءَ سان موجود آهي پر ساڳئي وقت استاد جيئن ته بنيادي طور هڪ انقلابي شاعر آهي، ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ طبقاتي فڪر به ساڳيءَ سگهه سان موجود آهي. هو جتي پنهنجي قوم ۽ وطن جا گيت ڳائي ٿو، انهن لاءِ لُڇي ۽ پُڇي ٿو، اُتي هن جو روح پنهنجي ۽ سڄيءَ دنيا جي پورهيتن ۽ مظلومن لاءِ ڪَڙهي ۽ ڪُڇي به ٿو. بخاري چوي ٿو:
اُٿيو هاڻ گهوٻو ۽ پانو اُٿي پيو،
ٻنيءَ ساڻ گڏ ڪارخانو اُٿي پيو،
ڏني اُڀَ لولي، جهلي ڀونءِ جهولي،
مگر چيلهه موڙي زمانو اُٿي پيو.
استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۽ فڪر ۾ وطن ۽ قوم جي نجات تيسين ممڪن ئي ناهي جيسين اُها اندروني ۽ سماجي طور تبديل نه ٿي ٿئي ۽ سنڌ جي سَڀَ-طرفي آزاديءَ جو مُهندار ۽ ڦل ماڻيندڙ هن ديس جو پورهيت ناهي. استاد بخاري ڪو شهري مڊل ڪلاسي شاعر ناهي، جيڪو وڌ ۾ وڌ عوام تي رحم کائي يا ساڻن پري کان بيهي همدردي ڪري. استاد هن ديس ۽ انسانذات جي سمورين مظلوم قومن ۽ طبقن جو سُونهون ۽ ويڄ شاعر آهي ۽ اها ئي هن جي شاعريءَ جي حقيقي رومانويت آهي.
(4) استاد بخاري جديد سنڌي شاعريءَ جو اهو واحد وڏو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ لطيف وانگر ڪٿي به پاڻ تي رحم کائڻ، سماج کي پِٽون پاراتا ۽ مِهڻا ڏيڻ يا مجموعي طور خودقياسيءَ جو رويو ناهي. استاد بخاريءَ جي فڪر جي روح جي ويجهڙائي لطيف جي تفڪر جي روايت سان آهي، جنهن جي فڪر جي “دين” ۾ خودقياسي “ڪُفر” آهي. ان نقطي تي استاد بخاري شيخ اياز کان گهڻو اڳتي نظر ٿو اچي، ڇاڪاڻ ته اياز صاحبَ جي شاعريءَ خودقياسيءَ جو عنصر گهڻين جاين تي نمايان نظر اچي ٿو، جڏهن چوي ٿو ته، “ٽِڙياسين دامنِ صحرا ۾، ساري خوشبو ئي اجائي وئي!” پر استاد بخاريءَ لاءِ خودقياسي ڄڻ ته عيب آهي. اياز وري ٻين تخليقي خوبين ۾ بي مثال ۽ بخاريءَ سميت پنهنجي ٻين هم عصرن کان گهڻو اڳتي آهي. هر شاعر جو پنهنجو ڪمال ۽ پنهنجون مخصوص ڪمزوريون به هجن ٿيون. بخاري قوم، عوام کي ميارون ڏيڻ بجاءِ هڪ حقيقي سونهين ۽ رهبر وانگر سڄو بارُ پاڻ ٿو کڻي، چوي ٿو:
مان ٻين وانگر اکيون ٻُوٽي سُمهان،
رات جي تارن کي تڙپائيندو ڪير!
مان به جي مدهوش ٿي ليٽي پوان،
پِرهه جا پيغام پهچائيندو ڪير!
(5) استاد بخاري پنهنجي شاعريءَ ۾ اُهو ڪم ڪيو آهي، جيڪو عام طور شاعر ناهن ڪندا. يعني درد جو اظهار ته شاعر ڪندا آهن، محسوسات کي اُڀارڻ ۽ ويندي تخليق ڪرڻ جو ڪم به شاعر ڪندا آهن، سمجهه ۽ شعور جون ڏياٽِيون ٻارڻ جو ڪم به شاعر ڪندا آهن پر ايئن وِرلي ملندو ته ڪو شاعر نجات جا گَسَ ٻُڌائي، واٽون سِڌيون ڪري ڏئي ۽ ويندي حڪمت عمليون به ٻُڌائي. اهو سندس شاعريءَ جو ڪمال آهي ۽ اِها روايت شاعريءَ جي دنيا ۾ ايتري عام ناهي. مثال طور هو چوي ٿو:
“ڇا ڪجي” کي ڇڏ بخاري، اُٿ، اُٿون!
ڪر تِکي تڪڙي تياري، اُٿ، اُٿون!
سمنڊ ٿيون، سيلاب ٿيون، برسات ٿيون،
ظُلمَ آهي ڀونءِ ٻاري، اُٿ اُٿون!
يا وري هيئن ٿو چوي:
تحرير کي ترارَ بنايون، بچي پئون!
ڪُوڪار مان ڪَٽار بنايون، بچي پئون!
هن ديس لاءِ هزار اُٿن جانباز پيا،
هڪ هڪ منجهان هزار بنايون، بچي پئون!
استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ اسان کي اهڙا سوين شعر ملندا، جن ۾ تدبر به آهي ته تدبير به آهي، حڪمت به آهي ته حڪمت عملي به آهي، منزل جو ڏس به آهي ته ان جي واٽ به آهي، هو “هيڻن” کي سوڀاري سَگهه ڏيندڙ نه رڳو سُونهون پر ويڄُ شاعر آهي ۽ اِها حقيقت ۾ لطيفي روايت آهي. اها روايت اسان کي سچل، خواجه غلام فريد يا ڪلاسيڪل دور جي وڏن شاعرن ۾ عام طور تي نه ٿي ملي. اوڀر جي سڄي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ اسان کي اها روايت رڳو لطيف وٽ غيرمعمولي سگهه سان ملي ٿي. اُها ٻي ڳالهه آهي ته ڪي ٻيون املهه روايتون لطيف کان وڌيڪ ٻين شاعرن وٽ به آهن، پر اها خاص روايت لطيفي آهي، جنهن جو استاد بخاريءَ تي غيرمعمولي اثر نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ ٺلها پُور پچائڻ، پاڻ تي ويڳاڻپ ۽ اَويساهيءَ کي طاري ڪرڻ ۽ بيرحم حقيقتن کي بهادريءَ سان منهن ڏيڻ بدران ڀڄي وڃڻ جا گَس ڏسڻ بجاءِ حوصلو آهي، جرئت آهي، ارڏائي ۽ جدوجهد آهي ۽ لطيف جي ٻوليءَ ۾ وِرچي نه ويهڻ جو تصور آهي، چوي ٿو:
نه روئڻ پِٽڻ ۾ اسان جو علاج،
نه َسٿرون ڪُٽڻ ۾ اسان جو علاج!
ڌِيون، پُٽَ. سڀئي- ڌرتيءَ ڄڻيا،
اُٿي پئو، اُٿڻ ۾ اسان جو علاج!
يا وري چوي ٿو:
مَرڻ کان ڊِڄي، زندگي ٿا گهُرو،
ٻَرڻ کان ڀَڄِي، روشني ٿا گهُرو،
بنا ڪاوشن جي ڪِرشمو ٿئي ڇو؟
ڏُکن کان لِڪي پوءِ خوشي ٿا گهُرو.
(6) استاد بخاري اهو شاعر هرگز ناهي، جنهن لاءِ شاعري بذات خود دل جي وِندر يا مقصد هجي. هو شاعريءَ کي انسان جي انفرادي توڻي اجتماعي سوچ ۽ زندگيءَ کي تبديل ڪرڻ جو هڪ اهم تخليقي ذريعو سمجهي ٿو. هو جتي شاعريءَ ۾ جماليات ۽ رومانويت جو قائل آهي، اُتي هو شاعري ۽ ادب جي مقصديت جو به وڏو پرچارڪ آهي.
چوي ٿو:
طوفان، زلزلي ۾ چهرن ڏي ڪير ڏسندو؟
برسات ۽ ڳَڙي ۾ ڳوڙهن کي ڪير اُگهندو؟
جنگاڻ جي طبلَ ۾ ڪُوئل جي ڪُوڪَ ڪهڙي؟
هر گهر ۾ حشر، تنهنجي شعرن کي ڪير ٻُڌندو؟
حقيقت ۾ تخليقي ادب زندگيءَ ۾ پنهنجو ڪارج به تڏهن ٿو ڳولي لهي، جڏهن اُهو زندگيءَ کي ڪا نئين معنيٰ ٿو بخشي، نه ته ٺلهي دل جي وندر جي ڪهڙي عمر ۽ ان کي ڪهڙو دوام؟ استاد بخاري جيتوڻيڪ پنهنجي سڀاءُ، سوچ ۽ گفتگوءَ ۾ تمام سادو لڳندو هو ۽ حقيقت اِها آهي ته مون کي سندس حياتيءَ ۾ ڪڏهن به اهو ادراڪ نه ٿيو ته ڪو هن جو سماجي شعور ايترو گِهرو، عقليت پسند، عقيدي پرستيءَ کان آجو ۽ سائنسي آهي. اهو ادراڪ مون کي سندس وفات کان گهڻو پوءِ سندس شاعريءَ جو گِهرو اڀياس ڪرڻ کانپوءِ ٿيو. هونئن عام طور شاعرن ۾ اهڙو شعور ناهي هوندو، جو گهڻي ڀاڱي سندن شاعريءَ جو محرڪ جذبا، خيال، تخيل ۽ حُسن بيني هوندا آهن پر استاد جو اهو وڏو ڪمال آهي. استاد واقعي “فڪري استاد” به آهي. ان ڪري ئي مون هن کي سنڌ جو “سُونهون” ۽ “ويڄ” شاعر ڪوٺيو آهي.
(7) استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي ٻولي، فن، تخليقي تجربن، منفرد تخليقي تشبيهن، علامتن، استعارن جي حَسين استعمال ۽ خيال جي اُڻت جا پاسا به ايترائي باڪمال آهن جيترا هن جا فڪري يا تخيلاتي پاسا آهن. جيئن هن جو فڪر غيرروايتي آهي، تيئن هن جي ٻولي، اسلوب، فن، بندشون ۽ ترڪيبون پڻ بيحد انوکيون نيون، منفرد ۽ تخليقي آهن. اهو استاد جو ئي ڪمال آهي جو هن جي شاعريءَ ۾ بنهه غيرشاعراڻا لفظ به نئون معنوي جنم وٺي وڏيءَ حُسناڪيءَ سان جهُومڻ لڳن ٿا. حُسن ۽ جماليات استاد جي شاعريءَ جي هر انگ ۽ رنگ ۾ آهي. جنهن جي حوالي سان به استاد جا تجربا ڪمال جا آهن. مان سمجهان ٿو ته نظم ۽ گيتَ سميت شاعريءَ جي ٻين صنفن ۾ جيترا گهڻ طرفا تخليقي تجربا استاد ڪيا آهن، سنڌي ٻوليءَ ۾ شيخ اياز کانسواءِ وِرلي ڪنهن شاعر ڪيا هوندا.
مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي ڪا يونيورسٽي استاد بخاريءَ تي هڪ چيئر قائم ڪري ته جيئن سنڌ جي هن “استاد” شاعر بابت معياري تحقيق ذريعي سنڌ کي سندس فڪر، ٻوليءَ ۽ فن جي پرک ملي سگهي ۽ سنڌ جا هم عصر ۽ ايندڙ نسل اِهو ڄاڻي سگهن ته سنڌ جي دل دادوءَ جي ارڏي ۽ رومانوي مِٽيءَ مان نِسريل جديد سنڌ جو هيءُ وڏو شاعر ڪيڏو نه باڪمال مفڪر ۽ آرٽسٽ هو!
ٻيلو نه جهلي ٻُور، اِهو ناممڪن،
تنهنجو نه پَوي پُور، اِهو ناممڪن،
اُستاد جو آواز لَٽيو ٿا لُڙ ۾،
اوندهه ۾ لِڪي نُور، اهو ناممڪن.
(بخاري)
روزاني ڪاوش حيدرآباد، 09 آڪٽوبر 2013ع

سنسار، سونهن ۽ سنڌ جو عاشق!

استاد بخاريءَ سان منهنجي پهرين ملاقات ٻاروتڻ ۾ ٿي، جڏهن هو ۽ منهنجو والد صاحب عبدالحئي چانڊيو دادوءَ جي ڪاليجَ ۾ پروفيسر هئا. بُوبڪَ ۾ بابا جو دِلگُهريو دوست گل محمد ميمڻ رهندو هو جيڪو سنڌ جو مشهور حڪيم هو. اسان جو اُتي اچڻ وڃڻ هوندو هو. هڪ دفعي مان بابا سان گڏ بُوبڪَ ويو هوئس ۽ واپسيءَ تي ڪاليج ۾ استادن جي اسٽاف روم ۾ مون پهرين ڀيرو استاد بخاريءَ کي ڏٺو. مون کي ٻاروتڻ کان شاعريءَ سان نه رڳو گهرو لڳاءُ هوندو هو پر مون کي تمام گهڻي سنڌي ۽ اُڙدو شاعري ياد هوندي هئي. مون کي اڄ به ياد آهي ته اُن ڏينهن استاد بخاريءَ لئه ۽ تالَ ڏئي ڏاڍي ترنم ۾ پنهجا شعر ٻڌايا هئا. ائين اسان جي گهر ۾ استاد بخاريءَ جو ذڪر پيو ٿيندو هو، خاص طور تي ادبي لاڙي سبب بابا مون سان هن جو ذڪر پيو ڪندو هو. مون سدائين بابا کان استاد بخاريءَ بابت مثبت راءِ ٻُڌي، سواءِ هڪ دوستاڻي تنقيد جي ته هو تاريخ ۽ فلسفي جو وسيع مطالعو نه ٿو ڪري. اها خبر مون کي وڏو ٿي پوءِ پئي ته استاد بخاريءَ زندگيءَ جو وسيع ۽ گهرو مطالعو ڪيو هو، جنهن جا انيڪ عڪسَ سندس شاعريءَ ۾ آهن. هو تاريخ جو اِدراڪ رکندي علامتي انداز ۾ ڪيڏي نه وڏي ڳالهه ٿو چئي:
سمنڊ نه سُڪندو، پر مون سُڪندي آهي ڏٺو،
روهُه نه ڀُرندو، پر مون ڀُرندي آهي ڏٺو،
اکين سان استاد بخاري سجَ کي،
ڪني جيڏي کڏَ ۾ ٻُڏندي آهي ڏٺو.
استاد بخاريءَ سان منهنجي واقفيت جو ٻيو حوالو رسول بخش پليجو آهي، جنهن سان منهنجي شعوري حياتيءَ جا لڳ ڀڳ 25 سال گڏ گذريا. پليجي صاحبَ جي صحبتَ ۽ ساڻس گڏ سفر ڪرڻ معنيٰ هڪ يونيورسٽيءَ جو هم سفر هجڻ آهي. استاد بخاريءَ جو مون وٽ ابتدائي تعارف هڪ بيحد رومانوي شاعر وارو هو، جيڪو خاص طور تي سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي رومانوي روين جو ترجمان هو. اهو بخاري جيڪو پنهنجي رومانوي اظهار ۾ بيحد بيخوف آهي، هو چوي ٿو:
کڻي نگاهَه پڇيائين ته ڪانُ هو يا نه؟
چيم ته جنهن به پچايو، جُوانُ هو يا نه؟
هزار شورشُون چهرو، ڪئي قصا آنسو،
زبانَ بند هئي پر بيانُ هو يا نه؟
بخاريءَ جو رومانوي انداز به سراپاءِ باهه آهي، چوي ٿو:
اسان عشقُ ڪيو هو، اُهو نه ٿو وسري،
مچن ۾ شوقُ نچيو هو، اُهو نه ٿو وسري،
بلا تي پير نه پيو هو، جو ڇالَ ڏئي بچجي،
کِنوڻ کي ٻانهَن ٻَکيو هو، اهو نه ٿو وسري.
پليجو صاحب 1986ع ۾ جڏهن جيل مان نڪري آيو ته اسان سڄيءَ سنڌ جا سفرَ گڏجي ڪرڻ شروع ڪيا. سڄيءَ سنڌ ۾ جهر جهنگ وياسين. سفرَ ۾ رڳو بحث مباحثا، ادبي رهاڻيون، لطيف جا بيتَ، انقلابي شاعري، فلسفو، سياستَ ۽ عالمي موضوعَ هوندا هئا. انهن رهاڻين ۾ منهنجي سامهون هڪ نئون استاد بخاري اُڀري آيو. رُڳو رومانوي نه، پر هڪ انقلابي، قومي، طبقاتي شعورَ جو حامل ۽ بيپناهه آرٽسٽ شاعر استاد بخاري! مون کي پليجي صاحب جو بخاريءَ بابت اهو نئون موقفُ هضم ڪرڻ ۾ وڏو وقتُ لڳو ۽ ساڻس گهڻي ۾ گهڻا اختلافي بحث مباحثا به مون ڪيا، پر پوءِ جڏهن سڄي ڳالهه پيرائتي سمجهيم ته مون استاد بخاريءَ کي هڪ نئين اَکِ سان ڏسڻ، پڙهڻ، سمجهڻ ۽ پروڙڻ شروع ڪيو. اهو بخاري جيڪو رومانوي به آهي ته انقلابي به آهي، قومي ۽ طبقاتي سوچَ جو حامل به آهي ته بيحد فطرتپسند، حسنپرست به آهي. يعني مختلف شعري روايتن جو سنگم پر روايتي شاعر بلڪل به نه. هن جي عواميتَ به عوام جي سطح جي نه پر انقلابي عواميتَ آهي، يعني اُها عواميتَ جيڪا عوام لاءِ ته آهي پر عوامَ کي تبديل ڪندڙ شعورَ ۽ فڪرَ تي ٻڌل آهي. استاد بخاريءَ چوي ٿو:
جو ڪٿي رُڪجون رفيقو! ارتقا رُڪجي نه ٿي،
زندگيءَ جي آرزوءَ ۾ جُستجو ٿڪجي نه ٿي،
ساٿيو! سندرا ٻڌي، هلندا هلو، وڌندا هلو،
پاڻ ڇو بيهي رهون، دنيا جڏهن بيهي نه ٿي!
سَڄيءَ دنيا جي ۽ سموري تاريخ جي ڪُوڙ کي بخاريءَ جي للڪارَ جو انداز ڏسو:
پنهنجي اونداه آڻ، منهنجي سوجهري جي سامهون،
تنهنجو منهنجو مامرو آ، فيصلي جي سامهون،
پير پنهنجا کوڙ، جي کوڙي سگهين او ڪُوڙ ٻُڌ!
ڌُوڙ ٿي ويندين، جو آهين زلزلي جي سامهون!
بخاريءَ جو انقلابي شعور ته پنهنجي جاءِ تي پر ان جي اظهارَ جو اعتماد ۽ لهجو ته ڏسو:
پڇيائون ته هٿ ۾ قلم آ، يا بِجلي؟
بغل ۾ ڪتاب آ يا طوفان آهي؟
تڪي ڪامريڊَن جي مُنهن ۾ چيم:
نون انقلابن جو سامانُ آهي.
يا وري هي ڏسو:
سڄو وقت آهيون اسان انقلابي،
رُتن کي ڳُتن کان وٺي ٿا گُهمايون،
خزائُن کي لوڏي، لُڪن کي تڙائي،
بَهاريون گُهرايون، کٿُوريون ورهايون!
استاد بخاريءَ سان ان نئين ۽ شعوري ڏيٺ ويٺ ۽ تعارف کان پوءِ اتفاق سان اسان جو ذاتي طور به محبت ۽ احترام جو تعلق جُڙيو، جيڪو سندس زندگيءَ جي آخري پساهه تائين قائم رهيو. مان جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هوس ته هو مون سان ملڻ ڪڏهن هاسٽل هليو ايندو هو ته ڪڏهن يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ جي گهر ترسي اُتي گهرائيندو هو ۽ پوءِ اسان جون طويل ادبي رهاڻيون ٿينديون هيون. هو دادوءَ کان ريلَ ۾ ايندو هو ۽ پوءِ مان هميشه کيس ڄامشوري ريلوي اسٽيشن تي ڇڏڻ ويندو هوس. مون کي اهو به فخُر حاصل آهي ته هو مون کي ادبي خطَ لکندو هو ۽ مون وٽ هن جا انيڪ اهڙا خط سانڍيل آهن، جن ۾ ڪيترا شعر هن پهريو ڀيرو لکي پڙهڻ لاءِ مون کي اُماڻيا هئا.
استاد بخاري ذاتي طور هڪ بيحد سادو ۽ معصوم طبع ماڻهو هو. هن جي سامهون هن جي شاعريءَ تي پارکُو نظر سان ڳالهائبو هو ته هو وڏيءَ معصومانه حيرتَ وچان پيو ٻُڌندو هو، ڄڻ ته هن کي يقين نه ايندو هجي ته اهو سڄو اِدراڪ، فن ۽ ڏاهپَ سندس شاعريءَ جو مزاج ۽ جوهر هئا. هن جي شاعريءَ ۾ حُسن پروري، عاشقي، فن سان محبت، قوميتَ، انقلابيتَ، جماليات ۽ فطرت پسنديءَ جا گهڻ طرفا عڪس آهن. خاص طور حُسن پروري، به ايتري جو هن کي موت جي خبر به حسين گُهرجي، هو چوي ٿو:
آگ جي درياه ۾ ڪُڏان،
هُن ڪناري تي اگر سهڻي هجي!
زندگي ڪوجهيءَ کان ڏاڍو ٿو ڊڄان،
موت جي ئي خبر پر سهڻي هجي!
پر مان سمجهان ٿو ته استاد بخاريءَ جي محبتي شاعريءَ تي انقلابي شعورُ وڌيڪ حاوي آهي، شايد اهو ئي سبب آهي جو سڄي حياتي شاعريءَ کي ارپي به هو خود ڪلاميءَ جي ڪيفيتَ ۾ چوي ٿو ته:
مڃيم سَچَ جو سجُ ۽ ٻِجُ آهين،
بُکئي لاءِ ڳڀو ناهين، او شاعري!
وڏي ڏاتَ ٿي ڏيهَه کي روز ڏين پر،
ننگي لاءِ لٽو ناهي، او شاعري!
استاد بخاري هڪ اهڙو شاعر آهي، جنهن پنهنجي وجود کي عشقَ، انقلابَ، سنڌ ۽ انقلابي عواميتَ جي روحَ ۾ رچائي ڇڏيو هو، ان ڪري بخاريءَ کي انهن قدُرن کان جدا ڪري ئي نه ٿو سگهجي. هو ان جو اظهار هيئن ٿو ڪري ٿو:
جذبات ۾ محتاط رهڻ ڪو نه آيو،
درياههَ کي سُونهين ٿو وهڻ ڪو نه آيو،
محبوب جي محفل مان اُٿڻ مشڪل هو،
مظلومَ ڪئي ڪوٺَ، ويهڻ ڪو نه آيو!
ان ڪري استاد بخاريءَ وٽ جتي شاعري عشق جي اظهار، فن سان محبت، ٻوليءَ سان عشقَ جو لطيف ذريعو هو، اُتي هن وٽ شاعري هڪ فڪري مورچو به هو، جتي هن پنهنجي دور کي جاڳائڻ، لوڏڻ، ڌوڏڻ ۽ متحرڪ ڪري تبديل ڪرڻ ٿئي چاهيو. سندس تصور ته ڏسو!
آڙاهَه ۾ آلاڻ، اِها اڻ ٿيڻي!
۽ سونَ ۾ ڪاراڻ، اها اڻ ٿيڻي!
جنهن وقت سڏي سنڌ، بخاري ڀُڻڪي،
ڇا لاءِ، ڇاڪاڻ، اها اڻ ٿيڻي!
استاد بخاريءَ کي عقيدي پرستي ۽ اوهام پرستيءَ کان نفرت هئي، جو هو سمجهندو هو ته اهي فڪري غلاميءَ جا وَنگ نه رڳو صدين کان سندن پيرن ۾ پيل آهن، پر اهي سندن تاريخي غلاميءَ جا سبب ۽ محرڪ پڻ آهن.
هو چوي ٿو:
انسان جي عظمت کي مڃون ٿا سو مڃون ٿا،
ڌرتيءَ کان هلي چنڊ وڃون ٿا، سو وڃون ٿا،
تحقيق جي مضبوط هٿوڙيءَ سان ٺڪوري،
وهمن جا ٺلها ٺاٺَ ڀڃون ٿا، ڀڃون ٿا!
هو صدين جي اوهام پرستيءَ جو ٽُٽندڙ طلسم ڏسندي چوي ٿو:
جُهور عقيدو اُڊڙي پيو آ،
عقل، جُوانو اُگهڙي پيو آ،
حُجري جون ٿا ٿُوڻيون کوڙيو،
هوڏانهن عرش به اُکڙي پيو آ!
روشن خيالي، سنڌ ۽ پورهيت عوام بخاريءَ جي محبت جا محور هئا، سنڌ ۾ ته هن جو ساهُه هو، جنهن باشعور سنڌ جي هن پنهنجيءَ شاعريءَ ذريعي آبياري ڪئي، ان جي ارڏي باغيانه مزاج بابت هن جو اتساهه ۽ اعتماد ڏسو:
تِڙڪي جي تَتان، سمنڊ سُڪي ناممڪن،
ڪڪرن جي اڳيان، ڪوهُه ڊُڪي، ناممڪن،
تاريخَ ڪري چيخَ چيو: او آمر!
جابرَ جي اڳيان سنڌُ جُهڪي، ناممڪن!
پر ساڳئي وقت هو سنڌ جي موجوده ۽ ايندڙ نسلن کي خبردار به ڪري ٿو:
ته ڇا گمنام ٿي وينداسين، پر آهستي آهستي؟
خيالخام ٿي وينداسين، پر آهستي آهستي؟
پراون کي پناهون ڏيندي ڏيندي ڏينهن هڪُ ايندو،
اسين خود سامَ ٿي وينداسين پر آهستي آهستي؟
بخاريءَ کي خبر هئي ته نئين سنڌ جي اڏاوتَ ڏاهپَ، جدوجهد ۽ مزاحمت سان ئي ٿي سگهي ٿي، تڏهن ته هو چئي ويو:
صدين ۾ ٿيو به هڪڙو ديده ور پئدا ته ڇا ٿي پيو؟
اسان جي ڏيهَه کي ڏاهن هزارن جي ضرورت آ،
نوان سُقراطَ، افلاطون پيو استاد پئدا ڪري،
زماني کي نڪورن شاهڪارن جي ضرورت آ.
مون کي اڄ به ياد آهي ته جڏهن هو ڪينسر جي بيماريءَ وِگهي ڳري ڪنڊا ٿي ويو هو، پر بخاريءَ جو اُتساهه، زندگيءَ ۾ ويساهُه، حوصلو، تخليقيتَ، اُميد پسندي ۽ هڪ نئين سنڌ ۽ نئين دنيا جي اڏاوت ۾ ايمان هماليه کان به اوچو هو، هو ته سراپا پنهنجي هن شعر وانگر هو:
ٻيلو نه جهلي ٻُور، اهو ناممڪن!
تنهنجو نه پوي پُورُ، اهو ناممڪن!
اُستادَ جو آواز لَٽيو ٿا لُڙَ ۾،
اوندهه ۾ لڪي نُورُ، اهو ناممڪن آ!
وفات کان ڪجهه ئي ڏينهن اڳ علي دوست عاجز سان مون کي ملي وڃڻ جو نياپو ڪيائين، مان وٽس دادوءَ واري گهر ويس، ته هي هماليه کان سگهارو سنڌ جو انقلابي ۽ رومانوي شاعر، هڏن جي مُٺ جيان هنڌ تي پيو هو. مان وٽس گهڻي دير ويٺو رهيس، جڏهن ته ماڻهن سان ملڻ جي کيس مڪمل منع ٿيل هئي، ان حالت ۾ به ڇا ته لفظ چيائين، “موتَ کان نه ٿو ڊڄان، پر زندگي بيحد وڻيم ٿي، ڄاڻان ٿو انسان ڪينسر جو علاجُ ڳولهي لهندو، پر تڏهن مان نه هوندس”.
ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ سندس فاني جسم ته وڃي ڌرتيءَ جي هنج ۾ سُتو، پر سنڌ جو استاد بخاري رڳو ڪو فاني جسم ته نه هو، سنڌ جو روحُ، سنڌ جو احساسُ هو، شعور هو، شُعار هو، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه سدا حيات عاشقُ هو، اهو ڪيئن ٿو مري سگهي؟ هو پاڻ ئي ته بشارت ڏئي ويو هو ته:
جو قومَ جياري، اُهو جيئندو رهندو،
جو عامُ اُجاري، اهو جيئندو رهندو،
مون کي تاريخَ ۽ تقديرَ ڏني پڪَ آهي،
جو سنڌُ سنواري اهو جيئندو رهندو