اسان غلط فيصلن سبب پوئتي پئجي ويا آهيون، بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاهڻاپوندا: وزيراعظم

چلاس :- نوي جي ڏهاڪي ۾ امپورٽيڊ فيول تي بجلي ٺاهڻ وارو، فرنيس آئل، گئس يا ڪوئلو جيڪو آڻي بجلي پيدا ڪندا آهيون اُن جو سڀ کان وڏو ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ نقصان ٿيندو آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا گهٽجي وڃن ته ملڪي معيشت تي دٻاءُ وڌي ويندو آهي، جيئن ئي ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌندو آهي ته رُپئي تي دٻاءُ وڌندو آهي ۽ رُپئي جو مُلهه گهٽجي ويندو آهي، چلاس ۾ ميڙ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جڏهن اهڙا غلط فيصلا ڪيا ۽ پرڏيهه مان تيل گهرائي بجلي ٺاهڻ شروع ڪئي ته اسان جي ڪرنسي تي دٻاءُ پيو، رُپيو ڪرڻ سان مهانگائي وڌندي آهي، غريب مهانگائيءَ ۾ پيسجي ويندو آهي، دريائن مان اسان وٽ بجلي ٺهي پئي سگهي، ان بدران تيل تي بجلي ٺاهڻ شروع ڪئي، صنعت وڌڻ بدران گهٽجڻ لڳي، هي جيڪو ديامير ڀاشا ڊئم ٺاهڻ جو اهم فيصلو ڪيو آهي، اهو ملڪ جو ٽيون وڏو ڊيم هوندو، چين 5 هزار وڏا ڊئمز ٺاهيا آهن، اِن مان اندازو لڳايو ته اسان ڪيڏيون وڏيون تاريخي غلطيون ڪيون آهن، پاڻيءَ جي نعمت مان بجلي ٺاهڻ تي ڇو نه سوچيو آهي، هي جيڪو ڀاشا ڊئم اڄ کان 50 سال اڳ ٺاهڻ جو فيصلو ٿيو، اڄ وڃي اسان اُن تي ڪم شروع ڪيو آهي، ان کانسواءِ بعد ٻين ڊئمز لاءِ پلان تيار ڪيو آهي، هر وقفي کانپوءِ دريائن مٿان ڊئم ٺاهڻ لاءِ وينداسين، اِن سان رُپئي تي دٻاءُ نه وڌندو، پنهنجو پاڻي هوندو، تيل امپورٽ نه ڪرڻو پوندو، پاڻيءَ تي بجلي ٺاهڻ سان ماحولياتي گدلاڻ نٿا وڌايون، ڪوئلي ۽ تيل سان بجلي ٺاهڻ سبب گلوبل وارمنگ وڌندي آهي، هاڻي ماحوليات تي ناڪاري اثر نه پوندا، پهرين به ڏکئي وقت مان گذري رهيا هئاسين، پوءِ ڪورونا وائرس سبب شٽ ڊائون ڪيو ويو، ان سان پاڪستان ۾ تمام گهڻي بيروزگاري وڌي آهي، ڪي پي جي چيف منسٽر کي چوندس ته ايس او پيز تحت مٿانهن علائقن ۾ سياحت کولڻ شروع ڪري، دُنيا ۾ اِن تي گهڻو ڪم ڪيو آهي، اُتي به آهستي آهستي سياحت کولي رهيا آهن، اين سي او سي کان منظوري وٺرائي ڏينداسين.