ارشاد رانجهاڻي ڪجهه به ڪيو، پر کيس قتل ڪرڻ ناجائز هو : سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي :- سنڌ هاءِ ڪورٽ ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جيئن ريمنڊ ڊيوس رستي تي گوليون هلايون، ائين ئي ارشاد رانجهاڻي کي رستي تي گوليون هلائي قتل ڪيو ويو. ارشاد رانجهاڻي جو قتل ناجائز هو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي جوابدارن رحيم شاهه ۽ ٻين جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جنهن دوران ريمارڪس ڏيندي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ارشاد رانجهاڻي ڪجهه به ڪيو، پر کيس قتل ڪرڻ ناجائز هو. ريمنڊ ڊيوس جيان رستي تي ارشاد رانجهاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جوابدار رحيم شاهه ويگو گاڏي ۾ هو، اُن باوجود مقتول رحيم شاهه کي ڀڄڻ نه ڏنو، ارشاد رانجهاڻي کي قتل ڪرڻ بدران رحيم شاهه ڀڄي وڃي ها. عدالت جوابدار پوليس اهلڪار رياض جي ضمانت درخواست تي 25 سيپٽمبر تي دليل طلب ڪري ورتا آهن.