ارسا ۾ وفاق جو نمائندو سنڌ مان مقرر نه ڪرڻ خلاف سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ منظور،حقن لاءِ ويڙهه جاري رکنداسين:وڏو وزير

ڪراچي :- ارسا ۾ وفاق جو نمائندو سنڌ بدران پنجاب مان مقرر ڪرڻ سنڌ جي حقن تي ڌاڙو قرار، سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ منظور، پي ٽي آءِ ، جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم پاران به قراداد جي حمايت، سنڌ جي حقن تي ڌاڙي جي اجازت نه ڏينداسين، ڀلي ڪير ساٿ نه ڏي حقن لاءِ ويڙهه جاري رکي ويندي: وڏي وزير جو ايوان ۾ خطاب. پيرائتي خبر موجب سنڌ اسيمبلي ارسا ۾ وفاق جو نمائندو سنڌ مان مقرر نه ٿيڻ خلاف ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ارسا ۾ وفاق جو نمائندو سنڌ بدران ٻئي صوبي مان مقرر ڪرڻ خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو ويو. جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته 1999ع ۾ جاري ٿيل چيف ايگزيڪيوٽو آرڊر کي آئيني تحفظ مليل آهي، جنهن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ارسا ۾ وفاق جو نمائندو سنڌ مان مقرر ڪيو ويندو، موجوده وفاقي حڪومت پنجاب مان نمائندو مقرر ڪري ناانصافي ڪئي آهي. وفاقي ڪابينا جي 11 ميمبرز مان 3 سنڌي ڳالهائيندڙ ميمبر اجلاس دوران غير حاضر رهيا، سنڌ جي عوام کي اُنهن ميمبرز ۽ وزيرن کان پُڇاڻو ڪرڻ گهرجي.وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هن فيصلي سان سنڌ ۾ محروميءَ جو احساس وڌندو، ڀلي اپوزيشن وارا ساٿ نه ڏين، پر هو سنڌ جي حقن لاءِ ويڙهه جاري رکندا. ارسا ۾وفاق جو نمائندو سنڌ بدران ٻئي صوبي مان مقرر ڪرڻ واري فيصلي جي منظوري دوران جي ڊي اي سان واڳيل ميمبر وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ غيرحاضر هئا.جي ڊي اي طرفان حمايت پيپلز پارٽي طرفان پيش ڪيل ٺهراءُ جي جي ڊي اي سان واسطو رکندڙ حسنين مرزا، پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنور نويد جميل حمايت ڪئي. اُن موقعي تي ڳالهائيندي حسنين مرزا چيو ته ڊاڪٽر فهميده مرزا سرڪاري دوري تي آذر بائيجان ويل آهي. وزيراعظم سان گذريل ڏينهن ملاقات دوران سخت موقف رکيو ويو ۽ واضح طور چيو ويو ته سنڌ جي اشوز تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي. جڏهن ننڍڙو ماڻهو وڏي ڪرسي تي ويندو آهي ته غلط بياني ۽ غلط فيصلا ڪندو آهي. ايم ڪيو ايم جي به حمايت سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي متحده ايم پي اي خواجه اظهار ٺهراءُ جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته هر ڀيري پيپلز پارٽي وارا سنڌ ڪارڊ کيڏندا آهن، ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو هجڻ گهرجي، پر اپوزيشن جو نمائندو ڇو؟ سندس نظر ۾ وزيراعظم صحيح فيصلو ڪيو آهي. سنڌ ۾ اپوزيشن کي ڪهڙي نمائندگي ملي آهي؟ ڪي ڊي اي، واٽر بورڊ ۽ يونيورسٽيز ۾ اسان جي ڪوٽا ڪٿي آهي؟ يونيورسٽيز ۾ آڱوٺي ڇاپ وي سي مقرر ڪيا ويا، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 11 ميمبرز مان ڪراچي جو ڊوميسائيل رکندڙ هڪ به ميمبر نه آهي. هُن وڌيڪ چيو ته سندن جماعت اصولي طور تي ٺهراءُ جي حمايت ڪري ٿي، پر پيپلز پارٽي کي آئينو ڏيکارڻ ضروري آهي.اپوزيشن ليڊر طرفان ترميم جي تجويز ۽ حمايت اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي به ارسا ۾ وفاق جو نمائندو مقرر نه ٿيڻ خلاف ٺهراءُ جي حمايت ڪئي ۽ تبديلي لاءِ ترميمون تجويز ڪيون. فردوس شميم نقوي جو چوڻ هو ته جنهن وقت پيپلز پارٽي جي وفاق ۾ حڪومت هئي، اُن وقت به ارسا ۾ سنڌ مان وفاق جو نمائندو مقرر نه ٿيو هو.