احسان الله کي ڀڄڻ ڏنو ويو پر سياستدانن تي غداري جا ڪيس ٿا ڪريو، حڪومت تباهي چاهي ٿي: اپوزيشن

اسلام آباد: مولانا فضل الرحمان خلاف آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي ڪرڻ بابت وزيراعظم عمران خان جي بيان تي قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن)، جي يو آءِ سخت رد عمل ڏنو آهي، وزيراعظم جي بيان تي جي يو آءِ جي مولانا اسعد محمود چيو ته اڄ وزيراعظم عمران خان بيان ڏنو آهي ته مولانا فضل الرحمان خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪنداسين، وزيراعظم جي ان بيان جي آجيان ڪريان ٿو، وزيراعظم کي بيان تي قائم رهڻو پوندو، وزيراعظم ايران ۾ جيڪو بيان ڏنو ان پاڪستاني ادارن کي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو هو، ڊپٽي اسپيڪر پاران مولانا اسعد محمود جو مائيڪ بند ڪرائڻ تي جي يو آءِ جي ميمبرن ايوان ۾ احتجاج ڪيو، ايوان گوڙ جي نظر ٿي ويو، مولانا اسعد محمود چيو ته وزيراعظم مولانا فضل الرحمان خلاف آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي ڪري ڏيکاري، پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻڌو آهي ته حڪومت مولانا فضل الرحمان ۽ خواجا آصف خلاف غداري جو ڪيس هلائڻ چاهي ٿي، سياسي ورڪرن ۽ قيادت خلاف غداري جا ڪيس ڪيئن ٺاهيا پيا وڃن، اهو حڪومت جو ننڍي سوچ وارو عمل هوندو، احسان الله احسان کي ته ملڪ کان ڀڄڻ ڏنو ويو ۽ سياسي قيادت خلاف غداري جا ڪيس داخل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، ن ليگ جي خواجا آصف چيو ته هي رياست سان ڇا ٿا ڪرڻ چاهين، هتي رائو انوار ۽ احسان الله احسان کي ته آزاد گهمڻ جي اجازت ۽ سياسي قيادت کي جيل ۾ رکيو پيو وڃي، مون يا مولانا فضل الرحمان خلاف ڪيس مهانگائي تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي، سمورا آواز بند ڪرڻ چاهين ٿا، احسان الله احسان رائو انوارلاءِ هڪ قانون ۽ سياستدانن لاءِ ٻيو قانون آهي، اهو عمل ملڪ تباهه ڪندڙ ثابت ٿيندو، غير جمهوري سوچ سان ملڪ کي ڪيڏانهن وٺي وڃڻ چاهين ٿا، حڪومت جي صفن ۾ سڀ لٽيرا ويٺا آهن، حڪومت اهڙا رستا اختيار نه ڪري اهي تباهي جا رستا آهن، گهٽ جو ماحول وڌي رهيو آهي، ادارن تي حملا ته توهان جي ڌرڻي دوران ٿيا، مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي جي پرامن هجڻ جو ٻيو ڪو مثال ئي نه ٿو ملي، هن چيو ته جن ادارن تي حملا ڪيا انهن تي آرٽيڪل 6 لڳي سگهي ٿو، جي يو آءِ جي مولانا اسعد محمود چيو ته سول نافرماني ڪرڻ، يوٽيلٽي بل ساڙي ڇڏڻ جون ڳالهيون ۽ پارليامينٽ پي ٽي وي تي حملو ڪنهن ڪيو هو، آرٽيڪل 6 انهن تي لڳڻ گهرجي، پارلياماني مامرن جي وزير علي محمد خان چيو ته مولانا فضل الرحمان کي ان سوال جو جواب ضرور ڏيڻو پوندو ته ڪنهن کيس خاطري ڪرائي هئي، اسان کي جواب گهرجي ته غيرآئيني قدم جي مولانا فضل الرحمان کي ڪنهن خاطري ڪرائي هئي.