احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي مبينا وڊيو ٺاهڻ جي الزام ۾ گرفتار ميان طارق عدالتي رمانڊ تي جيل حوالي

اسلام آباد :- احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي مبينا وڊيو ٺاهڻ جي الزام ۾ گرفتار ميان طارق کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي. وڊيو اسڪينڊل ۾ گرفتار جوابدار ميان طارق کي سول جج شائسته ڪُندي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ ايف آءِ اي طرفان کيس جڊيشل رمانڊ تي موڪلڻ جي استدعا ڪئي وئي. اُن موقعي تي ڳالهائيندي ميان طارق چيو ته مون کي برين ٽيومر آهي، جيل موڪليو ويو ته مري ويندس. جنهن تي عدالت ميان طارق کي جيل ۾ سموريون طبي سهولتون مهيا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻڌڻي دوران عدالت ايف آءِ اي کان پُڇيو ته جاچ ۾ ڪيتري اڳڀرائي ٿي آهي؟ جنهن تي ايف آءِ اي آگاهي ڏني ته جوابدار جي ٻن گهرن مان گاڏي، ڊجيٽل ڪئميرا، 2 موبائيل ۽ ٻيو مواد هٿ ڪيو ويو آهي. ٻڌڻي دوران هڪ موقعي تي ميان طارق جج آڏو استدعا ڪئي ته منهنجي جان کي خطرو آهي، جيل ۾ مون کي ماريو ويندو، جنهن تي جج شائسته ڪُنڊي چيو ته جيل ۾ ڪنهن کي به ناهي ماريو ويندو، جيل سپرنٽينڊنٽ کي مڪمل طبي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ خط لکي رهي آهيان. بعد ۾ عدالت جوابدار ميان طارق کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ڇڏيو ۽ 5 آگسٽ تي کيس ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.