احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ جعلي ٽرسٽ ڊيڊ پيش ڪرڻ تي مريم نواز کي طلب ڪري ورتو

اسلام  آباد :-  احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ جعلي ٽرسٽ ڊيڊ پيش ڪرڻ تي مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز کي نوٽيس جاري ڪندي طلب ڪري ورتو آهي.نيب طرفان احتساب عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مريم نواز شريف طرفان ايون فيلڊ ۾ پيش ڪيل ٽرسٽ ڊيڊ جعلي ثابت ٿي آهي تنهن ڪري هن خلاف الڳ ڪارروائي ڪئي وڃي.اسلام آباد جي احتساب عدالت مريم نواز خلاف نيب جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي مريم نواز کي 19 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آهي.  احتساب عدالت جي جج محمد بشير مريم نواز کي نوٽيس جاري ڪيو آهي.ياد رهي ته گذريل سال اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ احتساب عدالت جي طرفان اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن(ر) صفدر کي ٻڌايل سزا معطل ڪندي ٽنهي ڄڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن کان پوءِ کين اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو هو.