ابراهيم حيدري جي علائقي مان ٽن ورهين جي نينگري سان زيادتي جي ڪوشش , جوابدار سوگهو

ملير :- ابراهيم حيدري جي علائقي مان ٽن ورهين جي نينگري جي اغوا جي ڪوشش: جوابدار سوگهو، الياس ڳوٺ ۾ پنهنجي گهر ويجهو گهٽي ۾ کيڏيندڙ نينگري سدره ڌيءُ مزمل شاهه سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي. پاڙيوارن جوابدار شهاب علي سوگهو ڪري مارڪٽ ڪئي ۽ الزام هنيو ته جوابدار نينگري کي کنڀي خالي پلاٽ تي وٺي ويو، جتي هن سندس هٿ پير ٻڌا ته ماڻهن کيس ڏسي ورتو ۽ سوگهو ڪيو. علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس پهچي جوابدار کي تحويل ۾ ورتو، جنهن بعد جوابدار خلاف ابراهيم حيدري ٿاڻي تي نينگري جي پيءُ مزمل شاهه جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جلد معاملي جون حقيقتون سامهون اچي وينديون.