ابراهيم حيدري جي رهائشي 32 ورهين جي پورهيت پاڻ کي پيٽرول هاري ٻاھ ڏيئي ساڙي ڇڏيو

 ملير (رپورٽ سامي ميمڻ):- سختٿڌ،چوٽ چڙهيل مهانگائي ۽ مٿان بيروزگاري ملير ۾ به پنهنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن مهاڻن جي وسندي ابراهيم حيدري جي عمر ڪالوني لڳ واٽر پمپ جي رهائشي 32 ورهين جي پورهيت امير بخش ولد ابراهيم ٻارن طرفان سخت سيءُ ۾ گرم ڪپڙا وٺي ڏيڻ جي فرمائش پوري نه ڪري سگهڻ ۽ مالي بدحالي کان بيزار ٿي ڪالھ منجند ڌاري گهر م ٻارن سامهون پنهنجو پاڻ تي پيٽرول هاري ٻاھ ڏيئي ساڙي ڇڏيو جيڪو اسپتال ۾ سورن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو آھي باھ لڳڻ سب پاڙي وارا پهچي ويا جن باھ وسائي تيستائين پورهيت جو جسم اڌ کان وڌيڪ سڙي چڪو هو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال نيو ويو ڊاڪڙن موجب سندس جسم 60 سيڪڙو سڙي ويو هو جنهن سبب سندس موت واقعي ٿي آهي واقعي مهل موقعي تي پهتل پاڙي وارن ۽ پوليس اهلڪاراي ايس آئي مظهر ٻڌايو ته پورهيت امير بخش ولد ابراهيم شيخ گڏھ گاڏي هلائي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندو آهي کيس ٻه نياڻيون ۽ ٻه پٽ آهن جڪي ننڍا آهن ٻارن پنهنجي بابا کان سخت سيءُ کان بچڻ لاءِ گرم ڪپڙن وٺي ڏيڻ جي فرمائش ڪئي ۽ هو روز بارن کي گرم پڪڙا وٺي ڏيڻ جو آسرو ڏيندو هو پر وٽس پئسا نه ٿي سگهيا جنهن سبب هن اڄ مايوس ٿي پنهنجو پاڻ کي باھ ڏيئي ڇڏي فوتي پورهيت جو مڙه شام ڌاري ابراهيم حيدري آندو ويو جتي سندس مڙه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو هوڏانهن ابراهيم حيدري پوليس ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.