آپگهات ۽ انصاف | ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

خاص ڪري وسيلن سان مالا مال سماج مان جڏهن عدل ۽ انصاف ملڻ جون آسون ۽ اميدون ختم ٿي وينديون آهن، تڏهن سماجي ڀڃ ڊاهه چوٽ چڙهي ويندي آهي. انسان ڏسڻ ۾ ته سهڻا سيبتا ۽ ڏنڊا ڏونٽا ايندا آهن پر اندر ۾ کاڌل ، ڊنل ۽ ڀُريل هوندا آهن. هو عام بيمارين بدران نفسياتي بيمارين ۾ وٺجي ويندا آهن، سندن صلاحيتون نه رڳو محدود پر ناڪاري پڻ ٿي وينديون آهن.

ملڪي سطح جون ناانصافيون ادارن، شهرن، ڳوٺن ۽ گهرن تي اثر انداز ٿي فردن کي جنجهوڙي ۽ جهوري ڇڏينديون آهن. ان جهوريءَ  ته اسان جي سماج کي موڳو ڪري ڇڏيو آهي. ان موڳائپ اسان جي نئين نسل جي ڪچڙن ذهنن تي ايترو ته اثر ڪيو آهي جو آپگهات جا واقعا وڌندا پيا وڃن. ڪي آپگهات قتل آهن پر قاتل اهڙيءَ ته صفائيءَ سان ماڻهو مارن ٿا، جو ثابت ڪرڻ جهڙو ڪر ناممڪن ٿي پئي ٿو.

محرومي ۽ ناانصافي ئي هر بُرائيءَ جي پاڙ آهي. معاشي مسئلن، غربت، شاندار قدرن جي پائمالي، رشتن جي شناس جي خاتمي، سهولتن جي اڻاٺ، بُک،  بدحاليءَ ۽ اڻسهپ وغيره جو بنياد ناانصافي آهي. معاشي چڪيءَ  ۾ پسجڻ سبب گهر جي ڀاتين هڪٻئي کي وقت ڏيڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڪيترن ئي رت جي رشتن هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي، جنهن ڪري سهپ به موڪلائيندي پئي وڃي. ڀاءُ ڀاءُ جو قاتل ٿي پيو آهي.  موبائيل فون جي اسڪرين جتي دنيا سان ڳنڍيو آهي، اُتي رشتن کي ڇنو به آهي ته خواهشن ۾ اجايو واڌارو به ڪيو آهي.

ناانصافين سان مقابلي ڪرڻ ۽ حقن حاصل ڪرڻ جي اڻکٽ ڊوڙ سماج تي ڏاڍا اُگرا اثر وڌا آهن. اهڙو ڪو به  سرڪاري يا غير سرڪاري ادارو ناهي، جنهن کان حق گهرڻ لاءِ احتجاج  نه ٿيندا هُجن. صحت، تعليم، زراعت، مڪاني حڪومت ۽ ٻين کاتن جا ملازم ۽ متاثر پنهنجن جائز مطالبن مڃرائڻ لاءِ روز ڪٿي نه ڪٿي احتجاج ڪندي نظر اچن ٿا. حڪومت ۽ ان جي ادارن انصاف ڏيڻ ڇڏي ڏنو آهي. جڏهن ملازمن کي حق نه ٿو ملي ته ، انهن جي ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي، جنهن جو نقصان سڄي معاشري کي ڀوڳڻو پئي ٿو، احتجاجي ملازم يا عام ماڻهو جڏهن ڌڪا ٿاٻا کائي پنهنجن گهرن ۾ اچي ٿو ته ، گهرن جو ماحول به ڊانوان ڊول ٿي وڃي ٿو . ڳڻتيون ۽ ڳاراڻا ٽينشن، بلڊ پريشر، شگر ۽ ٻين بيمارين سان گڏ نفسياتي مرض به واڌائي ڇڏن ٿا.

جنهن ڪري گهرن ۾ جهيڙا جهٽا عام ٿين ٿا . گهر جا ڀاتي هڪٻي کان نه رڳو بيزار رهن ٿا پر فراريت به چاهن ٿا.

ڏوهي، نڪمن ۽ ڪاهل ذهنن جي به  ان ريت آبياري ٿئي ٿي. همٿ ۽ اٽل ارادي وارا نوجوان ته پاڻ سنڀالي اڳتي نڪري وڃن ٿا پر اڪثريت پوئتي رهجي وڃي ٿي. هن وقت اسان جيڪڏهن ايمانداريءَ سان پنهنجن گهرن جو ئي جائزو وٺون ته ڪيترن ئي گهرن ۾ اسان کي سخت مايوس مرد ۽ مايون خاص ڪري نوجوان ملندا. ۽ رشتا ڀڳل ڀُريل ڏسڻ ۾ايندا نفسياتي مرضن سبب ڪيترائي نقصان ملن ٿا پر شايد اسان کي محسوس نه ٿو ٿئي . آپگهات جا واقعا ته ميڊيا تي اچي وڃن ٿا پر نوجوانن جي مايوسيءَ کي رڳو گهر ڀاتي ئي ڀوڳن ٿا . اهو اهڙو سُور آهي جو مائٽ ڪنهن سان سلي به نه ٿا سگهن. جيڪڏهن ڪنهن ذهني متاثر ڇوڪري يا ڇوڪريءَ جي مايوسيءَ جي ڪنهن کي خبر ٻُڌائي ٿي وڃي ته ؛ اسان ان جي درد کي سمجهڻ بدران چريو چريو چئي آپگهات ڪرڻ تي مجبور ڪيون ٿا. هو اسان جون ٽوڪون سهي جيڪڏهن آپگهات نه  ٿو به ڪري ته به مايوسيءَ مان نڪرڻ هن لاءِ جهڙوڪر ناممڪن ٿي وڃي ٿو.  

رشتن کي ٽوڙڻ لاءِ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيو وڃي ٿو.

متاثر نوجوانن سان ڪچهرين ڪرڻ ۽ کين همٿائڻ جي ضرورت آهي . نفسياتي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائجي ان ۾ شرمائڻ نه گهرجي. جيئن بخار ۽ ٻين بيمارين جو علاج ٿئي ٿو ، تيئن نفسياتي بيمارين جو به علاج ڪرائجي .

داخلا ۾ ناڪاميءَ سُٺي گريڊ/ مارڪن نه ماڻڻ ، پسند جي شادي نه ٿيڻ، سي ايس ايس يا ڪميشن جي ڪنهن ٻئي امتحان ۾ ناڪام ٿيڻ يا هوشيار ۽ اهل هجڻ باوجود ميرٽ تي نوڪري نه ملڻ سبب به اسان جا نوجوان سخت مايوس ٿين ٿا. اهڙا ڪيترائي مثال منهنجي سامهون آهن. اهڙن ماڻهن سان هڪ ته انصاف ٿيڻ گهُرجي ٻيو علاج به ضروري آهي. سماجي ڀڃ ڊاهه سبب طلاقن جو تناسب به خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي. اڻسهپ ،بُک، بيروزگاري، ظلم ، محرومي ۽ ناانصافي اجتماعي بيماري ٿي پئي آهي.

ان جو علاج رياست ۽ حڪومت کي ڪرڻو پوندو. خاص ڪري عدالتن کي تڪڙو ۽ سستو انصاف ڏيڻو پوندو. ان سان گڏ اسان پنهنجيءَ سطح تي پنهنجي اولاد، گهرڀاتين ۽ نوجوانن سان رويو سُڌاريون، انهن سان پيار، محبت ۽ دوستي رڳو مٿاڇري نه هُجي پر انهن سان ڪچهري به ڪريون، سندن راءِ کي اهميت به ڏيون ۽  عورتن کي به انسان سمجهون.کين گهر جي هر فيصلي ۾ شامل ڪريون.

هر فرد ٻئي کي انصاف ڏيڻ جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪري  اسان سڀ ان ڳالهه کي به ذهن ۾ رکون ته اسان جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو وڏو سبب ٻاهريون ماحول به آهي، تنهن ڪري جڏهن گهر ۾ اچون ته ذهن کي ٿڌو ڪري هڪٻئي سان سُٺي نموني پيش اچون. ساڳيءَ ريت گهر ۾ ويٺل عورتون به ان ڳالهه کي سمجهن. جڏهن زال مڙس هڪٻئي سان بهتر رويو رکندا ته مامرا طلاق تائين نه پهچندا. اهو ته ٿيو گهر جو ماحول پر جيڪي ٻيا فرد ۽ ادارا انصاف نه ٿا ڏين، اهي به پاڻ ۾ سُڌارو آڻن ۽ انهن ۾ سڌاري لاءِ سياسي جدوجهد کي تيز ڪَجي، ڇاڪاڻ ته وڏي تبديلي سياست وسيلي ئي آڻي سگهجي ٿي.