آپگهات ڪندڙ شاگرد جو خط هٿ، يونيورسٽي انتظاميا خلاف ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڏهرڪي :-  ڏهرڪي جي فائونڊيشن پاور پلانٽ جي ڪالوني ۾ رهندڙ 22 سالن جو شاگرد ثاقب علي هڪڙو هڪ ڏينهن اڳ اسلام آباد جي بحريه يونيورسٽي جي ٽيسٽ ۾ فيل ٿيڻ تي دلبرداشته ٿي پنهنجي گھر ۾ ڪمري اندر پاڻ کي پکي سان ٽنگي ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو جنهن بعد پنهنجي زندگي جو انت آڻيندڙ نوجوان وٽان 2 خط مليا آهن جنهن ۾ هن هڪ خط پنهنجي والدين ۽ ٻيو خط بحريه يونيورسٽي اسلام آباد ڪيمپس جي انتظاميه جي تعصب پرست رويي خلاف لکيو آهي نوجوان پاران لکيل خط ۾ بحريه يونيورسٽي اسلام آباد ڪيمپس جي انتظاميه خلاف ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن جنهن ۾ نوجوان لکيو آهي ته بحريه يونيورسٽي انتظاميه يونيورسٽي ۾ سنڌي لباس ۽ ٽوپي اجرڪ پائڻ کان منع ڪيو هو جنهن بعد آئون سنڌي لباس سان محبت هجڻ ڪري هنن جي منع ڪرڻ باوجود يونيورسٽي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي ويندو هئس جنهن بعد ٽوپي اجرڪ پائڻ تي يونيورسٽي جي پروفيسر مدثر وهاب ۽ ميڊم طيبه تعصب پرستي جو مظاهرو ڪندي کين سيميسٽر جي رزلٽ ۾ ڄاڻي واڻي کيس سيميسٽر جون مارڪون گھٽ ڪيون جنهن جي ڪري آئون گذريل هڪ سال کان يونيورسٽي جي انتظاميه جي رويي خلاف اڪثر پريشان رهندو هيس جنهن سبب آئون دلبرداشته ٿي ساڳي يونيورسٽي ۾ پنهنجي تعليم جاري رکڻ بدران پنهنجي زندگي جو انت آڻڻ لاءِ آئون ڪافي عرصي کان پسٽل جي ڳولا ۾ هيس پر پسٽل نه ملڻ جي ڪري آئون خودڪشي لاءِ رسي ڏهرڪي مان ۽ 130 روپي جا زهريلا ڪيپسول رحيميار خان کان وٺي پنهنجي زندگي جو انت آڻي رهيو آهيان جنهن بعد منهنجو هي خط سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪري ڇڏجو ۽ منهنجي مرڻ کانپوءِ منهنجو پورو ساٿ ڏجو ته جيئن بحريه يونيورسٽي اسلام آباد ڪيمپس جي انتظاميه جي تعقب پرستي عوام سامهون اچي سگھي ٻيو خط نوجوان پنهنجي گهر ڀاتين جي نالي لکي لکيو آهي ته منهنجي موت کانپوءِ ابو امي پنهنجو خيال رکجو ۽ منهنجي ڀينرن جا رشتا سندس راضپي کانسوءِ نه ڪجو ۽ جتي هو راضي ٿين کين اتي شادي ڪرائجو جڏهن ته منهنجي پوري زندگي جي حقيقت هڪ ڊائري ۾ لکيل آهي جيڪا اسلام آباد يونيورسٽي ۾ منهنجي روم جي لاڪر ۾ پيل آهي جنهن جي چاٻي منهنجي دوست حمزه وٽ آهي وڌيڪ منهنجي زندگي  جي سڄي حقيقت ان ڊائري مان ملندي.