آمريڪي ڪمپني جانسن اينڊ جانين معيار تي پورو نه لهڻ سبب ڪورونا ويڪسين جون ڏيڍ ڪروڙ خوراڪون ضايع ڪري ڇڏيون

نيويارڪ: = آمريڪي ڪمپني جانسن اينڊ جانين معيار تي پورو نه لهڻ سبب ڪورونا ويڪسين جون ڏيڍ ڪروڙ خوراڪون ضايع ڪري ڇڏيون.خبرون ڏيندڙ اداري اي ايف پي موجب  آمريڪي ڪمپني جانسن اينڊ جانسن ميري لينڊ رياست جي هڪ پلانٽ ۾ تيار ڪيل ڏيڍ ڪروڙ ڪورونا ويڪسين کي معيار تي پورو نه  لهڻ سبب ضايع ڪري ڇڏيو. آمريڪي فوڊ اينڊ ڊرگ اٿارٽي طرفان به ان واقعي جي جاچ جو امڪان آهي. ڪمپني موجب لاڳاپيل پلانٽ تي وڌيڪ ماهرن کي موڪليو پيو وڃي ته جيئن  ماهرن جي نگراني ۾ ويڪسين جو معيار ۽ حفاظت کي بهترين بنائي سگهجي.ان بابت ڪمپني جو وڌيڪ چوڻ اهي ته ڪورونا وبا جي خلاف ويڪسين جو معيار ڪمپني جي اولين ترجيح آهي ۽ ضايع ڪيل ويڪسين پنهنجي تيار ٿيڻ جي آخري مرحلي تائين نه پهتي هئي. واضح رهي ته هينئر تائين جيتريون به ڪورونا ويڪسين استعمال هيٺ آهن اهي سموريون ٻن ٽڪن تي ٻڌل آهن. جڏهن ته جانسن اينڊ جانسن جي ڪورونا ويڪسين پهرين ويڪسين آهي جيڪا صرف هڪ خوراڪ تي ٻڌل آهي يعني ان جو هڪ ئي ٽڪو موذي وائرس کان بچاءُ جي لاءِ ڪافي هوندو