آمريڪي صدر ٽرمپ وڌيڪ 6 ملڪن تي سفر لاءِ پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون

Mandatory Credit: Photo by Evan Vucci/AP/Shutterstock (10434333bm) Donald Trump, Sauli Niinisto. President Donald Trump speaks during a meeting with Finnish President Sauli Niinisto in the Oval Office of the White House, in Washington Trump, Washington, USA - 02 Oct 2019

واشنگٽن:- آمريڪي صدر ٽرمپ وڌيڪ 6 ملڪن تي سفر لاءِ پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهنعرب خبرون ڏيندڙ اداري موجب صدر ٽرمپ  پنهنجي سفر واري پابندين جي منصوبي کي وڌيڪ واڌ ڏيندي وڌيڪ 6 ملڪن کي سفري پابندين جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. ٽرمپ طرفان جن ملڪن تي سفري پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن انهن ۾ نائيجيريا، تنزانيا، سوڊان، ايٽيريا، ڪرغزستان ۽ ميانمار شامل آهن جڏهن ته آمريڪي صدر جي نئين پابندين کي آمريڪا طرفان مسلمانن تي پابندين جي ڪوشش قرار ڏئي تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي. آمريڪا جي هوم لينڊ سيڪيورٽي جي وقتي سيڪريٽري چاڊ وولف ميڊيا کي ٻڌايو ته آمريڪا اهڙن ويزن جو اجرا معطل ڪندو جنهن سان ايريٽيريا، ڪرغزستان ميانمار ۽ نائيجيريا جي شهرين  کي مستقل سڪونت جو موقعو ملي سگهندو. وقتي سيڪريٽري ٻڌايو ته ان ملڪن جي لاءِ پناهگيرن کي ويزا پاليسي ۾ شامل ناهي ڪيو ويو هو  اهي ويزا ماڻهن کي آمريڪا ۾ عارضي قيام جي لاءِ ڏنا ويندا آهن.ان ۾ سياحت، ڪاروبار، علاج جي لاءِ ويزا شامل آهن. گذريل سال ڊسمبر جي دوران  سڄي دنيا جي ساڍا 6 لک کان وڌيڪ پناهگيرن کي ويزا جاري ڪيا ويا هئا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته آمريڪي حڪومت سوڊان ۽ تنزانيا جي شهرين جي لاءِ لاٽري ويزه به ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ان ويزا جي اجرا کي ماضي ۾ صدر ٽرمپ طرفان سخت تنقيد جو نشانو بنايو ويو هو. چاڊ وولف جو چوڻ هو ته پابندي  جو شڪار ڇهه ئي ملڪ آمريڪي سيڪيورٽي ۽ ڄاڻ جي مٽاسٽا جي معيار تي پورا لهڻ ۾ ناڪام رهيا.