آمريڪي صدر جو بيان سچ آهي ته پوءِ نريندر مودي ڀارت سان ڌوڪو ڪيو آهي: راهول گانڌي

نئين دهلي :ڀارت جي مخالف ڌر پارٽي ڪانگريس جي اڳوڻي صدر راهول گانڌي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آمريڪي صدر جو بيان سچ آهي ته پوءِ نريندر مودي ڀارت جي مفادتن ۽ 1972ع جي شملا معاهدي سان ڌوڪو ڪيو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب مخالف ڌر پارٽي ڪانگريس جي اڳوڻي صدر راهول گانڌي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو ته صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته وزيراعظم نريندر مودي کيس ڪشمير مسئلي بابت ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جو چيو هو.هن چيو ته جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ وزيراعظم نريندر مودي ڀارت جي مفادن ۽ 1972ع جي شملا معاهدي سان ڌوڪو ڪيو آهي.راهول گانڌي چيو ته هڪ ڪمزور پرڏيهي وزارت جو انڪار ڪافي ناهي، وزيراعظم کي لازمي طور تي قوم کي ٻڌائڻ گهرجي ته هن ٽرمپ سان ملاقات دوران ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون.ٻئي پاسي مخالف ڌر پارٽي ڪانگريس لوڪ سڀا ۾ ڀارتي وزيراعظم ٽرمپ جي بيان تي وضاحت جو مطالبو ڪيو آهي. راهول گانڌي جي ماءُ سونيا گانڌي ان بيان کي قبول نه ڪرڻ جوڳو قرار ڏنو ۽ پارٽي اڳواڻن کي پارليامنٽ ۾ اهو معاملو تيستائين اٿارڻ جي هدايت ڪئي جيستائين نريندر مودي طرفان ڪو بيان سامهون نٿو اچي.سماج وادي پارٽي جي صدر اکيليش ياديو ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته ڪشمير بابت ٽرمپ جي تازي دعويٰ تي ڀارتي وزيراعظم طرفان واضح ۽ اثرائتي جواب جي ضرورت آهي.هن چيو ته آمريڪي صدر جو بيان ماضي جي معاهدن جي ڀڃڪڙي ۽ اسان جي خودمختياري ۽ قومي سلامتي تي سوال آهي، سموري ڳالهه ٻولهه جو ريڪارڊ رکڻ ضروري آهي.