آمريڪي صدارتي اميدوار جوبائيڊن جي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي پاليسين تي تنقيد

واشنگٽن: –  2020 جي آمريڪي صدارتي چونڊن جي لاءِ ڊيموڪريتڪ پارٽي جي اميدوار جوبائيڊن والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي پاليسي تي تنقيد ڪندي نئين دهلي  کان پابنديون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.مسلم فاربائيڊن پليٽ فارم جي تحت منعقد ورچوئل فنڊريزنگ ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهيون ڪندي جوبائيڊن والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن کي جمهوري قدمن جي ابتڙ قرار ڏنو. آمريڪا ۾ مسلمانن جي خلاف نفرت ۽ نسلي امتياز جو اعتراف ڪندي جوبائيڊن يقين ڏياريو ته ان جي انتظاميه ۾ مسلمانن کي هر شعبي ۾ نمائندگي ملندي. ان دوران هن برائي کي روڪڻ بابت رحمت اللعالمين حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي حديث پڙهي ٻڌائي ۽ اسلام بابت گهري ڄاڻ جو اظهار ڪيو.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تجويز ڏني هئي ته ڪورونا وبا سبب ملڪ  ۾ آڪٽوبر کان ٿيندڙ صدارتي چونڊون ملتوي ڪيون وڃن هڪ بيان ۾ صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته جيستائين عوام محفوظ طريقي سان ووٽ نه وجهي سگهي چونڊن کي ملتوي ڪيو وڃي.هن چيو ته ڪورونا وبا دوران پوسٽل بيلٽ مان ٿيندڙ چونڊون تاريخ جو بدترين فراڊ ۽ غلط چونڊ هوندي. 30 اپريل تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين کي سخت تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو هو ته چين مون کي ٻيهر صدارتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ کان روڪڻ چاهي ٿو. رپورٽ موجب آمريڪي صدر الزام هنيو هو ته چين جي خواهش آهي ته ايندڙ آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽ اميدوار جوبائيڊن ڪامياب ٿئي.