آمريڪي رياست نيو جرسي ۾ چيف جسٽس جي عهدي تي پهريون فلسطيني ڄائو مسلمان مقرر

نيويارڪ :- آمريڪي رياست نيو جرسي جي شهر پيٽرسن جي چيف جسٽس جو عهدو عبدالماجد عبدالهادي سنڀالي ورتو آهي، نئون چيف جسٽس پهريون فلسطين ڄائو مسلمان آهي جيڪو ان عهدي تي ويٺو آهي.آمريڪي خابرو اداري موجب پيٽرسن جي نئين چيف  جسٽس عبدالماجد عبدالهادي جو تعلق فلسطين جي علائقي راملا سان آهي جيڪو اوڀر ۾ اولهه ڪناري جي علائقي ۾ واقع آهي ۽ صيهوني رياست اسرائيل جا ظلم سهڻ ۾ سڀ کان مٿي ڄاڻايو ويندو آهي.خابرو اداري موجب گذريل پنجن سالن کان هو سٽي جج جا فرض سرانجام ڏيندو رهيو هو، ان کان اڳ هو پبلڪ پراسيڪيوٽر رهيو هو.نيوجرسي جي شهر پيٽرسن جي ميئر آندري سيوگ چيف جسٽس جو عهدو سنڀالڻ تي عبدالماجد عبدالهادي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي سماجي رابطن واري ويب سائٽ تي چيو ته هو پهريون فلسطيني آمريڪي آهي جنهن کي آمريڪا ۾ چيف جسٽس جو عهدو ڏنو ويو آهي.