آمريڪا ۾ اي سگريٽ سبب فوتگين جو تعداد 26 ٿي ويو

نيويارڪ : آمريڪا ۾ اي سگريٽ جي استعمال سبب فوتگين جو تعدد 26 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 1300 ماڻهو ڦڦڙن جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. آمريڪا جي صحت واري اداري مطابق اليڪٽرانڪ سگريٽ جي استعمال سان پيد اٿيندڙ بيمارين سبب 26 ماڻهو  هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن. صحت کاتي جا عملدار اي سگريٽ جي استعمال سبب ٿيندڙ فوتگين جو مختلف رخن کان جائزو وٺي رهيا آهن. اي سگريٽ جي استعامل سان ٿيندڙ ڦڦڙن جي بيمارن کي ”ايوالي“ جو نالو ڏنو ويو آهي. 7 سال اڳ هڪ نوجوان اي سگريٽ جي استعمال سبب فوت ٿيو هو.