آمريڪا ۽ جاپان جي واپاري معاهدي تي صحيحيون

ٽوڪيو :- آمريڪا ۽ جاپان گڏيل واپاري معاهدي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون. جنهن لاءِ ٻطرفي ڳالهين ڪسترن مهينن تائين جاري رهيو هيون. ان معاهدي تي صحيحيون کان اڳ اهم ترين نڪات تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ جاپاني وزير اعظم شينز وايي جي وچ ۾ اتفاق گذريل مهيني نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٿيو هو. ان معاهدي تحت هاڻ ٻطرفان واپار کي هٿي وٺرائڻ سگهجي ٿي ۽ آمريڪا هاڻ پنهنجي زرعي مصنوعات وڌيڪ وڏي تعداد ۾ وٺي گهڻي گهٽ يا ڪنهن به طرح جي درآمدي ڍل جي بغير جاپان کي برآمد ڪري سگهي ٿو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ان معاهدي ۾ ڪار سازي جي اهم ترين صنعت کي شامل نه ڪيو ويو.