آمريڪا جي رياست ٽيڪساس جي شهرهيوسٽن م سائين جي ايم سيد  جي 116 هين سالگره ملهائي ويئي

اڄ ١٨ جنوري ٢٠٢٠ تي آمريڪا جي رياست ٽيڪساس جي شهر هيوسٽن م جي ايم سيد ميموريل ڪاميٽي , ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران  سائين جي ايم سيد  جي ١١٦ هين سالگره ملهائي ويئي جنهن م  آمريڪا جي مختلف رياستن کان وڏي تعداد م  توڙي سنڌ کان مهمانن شرڪت ڪئي. پروگرام جي شروعات زبير ڀنڀرو تراني سان  ڪئي. رحمان ڪاڪيپوٽو آجياڻي جي تقرير ڪئي. پروگرام م پختون تحفظ موومينٽ اڳواڻ گلالئي اسماعيل، جميعت علمائي سنڌ اڳواڻ حافظ صديق ميمڻ، ورلڊ سرائيڪي ڪانگريس اڳواڻ عبيد خواجا، جي ايم سيد اسٽڊيز بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر حيدر لاشاري، بلوچ رائٽس ڪائونسل اڳوڻ قيوم بلوچ،دانشور شاهنواز شيخ، ذوالفقار هاليپوٽو، راجا ڏاهر جويو ٻين تقرير ڪئي. مالڪڏنو شيخ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا. مقررن سائين جي ايم سيد جي اتحاد انساني، امن  ڪردار  جدوجهد تي روشني وڌي.مقررن سيد جي سنڌي، بلوچ، پختون، سرائيڪي  ٻين مظلوم قومن جي آزادي لائ جدوجهد کي ساراهيو.ان موقعي تي  سائين جي ايم سيد جي پڙپوٽي پارس سيد سال ٢٠١٩ جو جي ايم سيد ايوارڊ محترم خالد هاشماڻي  کي ڏيڻ جو  اعلان ڪيو. قومي رسالي پيغام سنڌ جي سالگره نمبر جي مهورت ڪئي ويئي.تقريرن بعد ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو. آخر م محفل موسيقي  ٿي جنهن م مشهور فنڪار ارشد محمود قومي گيت ڳايا.