آمريڪا جا ميڊيم رينج ميزائلن جا ٺڪاڻا عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو قرار

 گڏيل قومون :- روس ۽ چين آمريڪا جي ميڊيم رينج ميزائلن جي ٺڪاڻن کي عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏيندي سلامتي ڪائونسل جو فوري اجلاس طلب ڪرڻ تي زور ڏنو آهي . ٻنهن ملڪن گڏيل قومن جي  هٿيارن جي خاتمي جي اداري جي سربراهه چيو آهي ته ان معاملي تي سلامتي ڪائونسل کي آگاهه ڪن .  سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ آمريڪا گذريل ڏينهن آمريڪا گذريل ڏينهن تي پهريون ڀيرو 500 ڪلو ميٽر جي فاصلي تائين مار ڪندڙ روايتي ڪروز ميزائل جو تجربو ڪيو هو جنهن تي روس ۽ چين ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.