آمرن آئين کي ايترو ته پائمال ڪيو جو شايد توهان جي نظر ۾ اُن جي عزت ناهي رهي: جسٽس فائز عيسيٰ

اسلام آباد := سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته حڪومت ملڪ هلائڻ جي اهل ناهي يا فيصلا ڪرڻ جي، وفاقي حڪومت جي ٽن صوبن ۾ حڪومت آهي، سنڌ کان علاوه ڪو به صوبو وفاقي حڪومت جي فيصلن کان اختلاف نٿو ڪري، سپريم ڪورٽ ۾ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي دوران ٻه رڪني بينچ جي سربراهه جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان هلائڻ جي بنياد ئي مردم شماري آهي، ڇا مردم شماري جا نتيجا جاري ڪرڻ حڪومت جي ترجيح ناهي،؟ ٽن صوبن ۾ حڪومت جي باوجود ڪونسل ۾ هڪ فيصلو نه ٿي رهيو آهي،  ٻڌڻي دوران پنجاب جَي اي جي طرفان سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي منشور جو ذڪر ڪرڻ مهانگو پئجي ويو، هن چيو ته اقتدار جي هيٺئين سطح تائين منتقلي حڪومت جو منشور ۽ واعدو آهي، جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته پهريون ڀيرو ڏٺو ته سرڪاري وڪيل سياسي منشور جو حوالو ڏئي رهيو آهي، ڇا حڪومت ۽ سياسي جماعت ۾ فرق ناهي، ڪجهه ته آئين جي عزت ڪريو، آمرن آئين کي ايترو ته پائمال ڪيو جو شايد توهان جي نظر ۾ اُن جي عزت ناهي رهي، منشور ۽ اليڪشن جا واعدا سياسي پارٽيز جا هوندا آهن، حڪومت جو واحد منشور آئين هوندو آهي، پنجاب سرڪار لوڪل گورنمينٽ ترميمي آرڊيننس جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن کي اوندهه ۾ رکيو، آرڊيننس آڻڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ آرڊيننس ڪيس تي بئنچ جوڙڻ لاءِ معاملو چيف جسٽس ڏانهن اُماڻي ڇڏيو، عدالت حڪم ڏنو آهي ته سپريم ڪورٽ جو رجسٽرار بئنچ جوڙڻ لاءِ ڪيس جي فائيل جلد چيف جسٽس ڏانهن اُماڻي