آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ آغا سراج دُراني جي وارثن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي:- احتساب عدالت آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي وارثن سميت ٻين مفرور جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ نيب کي حتمي مهلت ڏيندي چيو آهي ته مفرور جوابدار گرفتار نه ٿيا ته جاچ آفيسر کي جيل موڪلينداسين. تفصيل موجب سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني  جي خلاف آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس جي ٻڌڻي ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ٿي، آغا سراج دراني ۽ ٻين جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته مفرور جوابدارن جي گرفتاري ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ جاچ آفيسر جوابدارن جي پتي تي ڇو نٿا وڃن؟ جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته سکر پوليس کي ان حوالي سان چونداسين.  نيب پراسيڪيوٽر جي رويي تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پوليس جي نه جاچ آفيسر جي رپورٽ گهرجي، مفرور جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ حتمي مهلت ڏئي رهيا آهيون جيڪڏهن مفرور جوابدار گرفتار نه ٿيا ته جاچ آفيسر کي جيل موڪلينداسين ۽ ايندڙ ٻڌڻي تائين مفرور جوابدار گرفتار نه ٿيا ته ڪيس الڳ ڪيو ويندو. عدالت مفرور جوابدارن جا هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ٻڌڻي 5 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، مفرور جوابدارن ۾ آغا سراج جي پٽ، گهرواري، ڌيئرن سميت  12 جوابدار شامل آهن. ان کان اڳ پيشي جي موقعي تي صحافي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کان لاڙڪاڻي ۾ هلندڙ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي ننڍي چونڊ ۾ پيپلز پارٽي جي شڪست تي سوال ڪيو جنهن تي آغا سراج چيو ته آئون ته لاڙڪاڻي ۾ هيس ئي نه مون کي ڪهڙي خبر، آئون جيل ۾ آهيان، مون کي ڪا خبر ناهي جڏهن جيل کان ٻاهر آيس ته سٺيون خبرون ڏيندس  خيال رهي ته آغا سراج دراني آمدن کان وڌيڪ اثاثن جي الزام ۾ جوڊيشل ريمانڊ تي آهي، نيب اختيارين سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي خلاف آمدن کان وڌيڪ اثاثن جو ريفرنس داخل ڪيو هو.