آفيسر شاهي ۽ پ پ سرڪار 12 سالن ۾ سنڌ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو: رياض چانڊيو

سن: سن ۾ جسم رياض چانڊيو گروپ طرفان سائين جي ايم سيد جي 116 جنم ڏينهن تي سن ۾ سندس مزار جي پيراندي کان جلسو ڪري ڪيڪ ڪاٽيو  ويو. ان موقعي تي جسم سربراهه رياض چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته  سنڌ ۾ ان رواداري مٿان مسلسل 72 سالن کان وٺي سرڪاري سرپرستي ۾ هلائون جاري ساري آهن، هن ملڪ جو  آفسر شاهي ۽ پ پ سرڪار 12 سالن ۾ سنڌ کي ڀڙڀانگ بنائي ڇڏيو آهي، ملڪ اندر احتساب ۽ انصاف جي نعري کي انتقام ۽ بليڪ ميلنگ ۽ ڏي وٽ جي ڌنڌي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي عمران سرڪار، جنرل ايوب، ضياءَ ۽ پرويز مشرف جي مارشلائن کان وڌيڪ ڀيانڪ شڪل ۾ موجود آهن. جتي سڄي ملڪ ۾ باربار آئين ۽ قانون جي ڳالهه ڪري لا قانونيت مڙهي وٺي آهي، اسين سمجهيون ٿا ته سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ غذائي کوٽ سبب مرندڙ ٻار سڄي سنڌ ۾ وڌندڙ خودڪشين توڙي بک وگهي مرندڙ ماڻهن جي موت جون ذميوار اهي طاقتوار قوتون آهن جن مسلسل سنڌ تي راتاهو هنيو هڪ تاريخي قوم جي قدرتي پيداوري وسيلن توڙي حق حاڪميت تي ڌاڙو هنيو آهي. پ پ، ن ليگ ۽ آفسر شاهي کربين ڊالر لٽيا ۽ ليٽرن کي وائکو ڪرڻ ۽ 4 سالن کان وٺي (نيب) جي ذريعي پروپيگنڊائن تي اربين روپيا خرچ ڪيا ويا ۽ ڊسمبر ۾ جنرلن جي مقرري واري بل جي قانونسازي مهل سڀ قوتون ڀائي ڀائي اهي هم نوالا ۽ هم پيالا بڻجي ويا، هن ملڪ جي اندر اها ڳالهه ثابت ٿي ته ڦرلٽ ڪندڙن جو قبيلو ڪڙم ۽ ذات ساڳي آهي سيد جي جنم ڏينهن تي گڏ ٿيل ساٿيو سنڌ جي وسيلن جي ڦرمار ۽ ان جي ڊيموگرافڪ تبديلي لاءِ سازشون ته هر دور ۾ جاري آهن پر هي منظم سازشي سرڪار پاڻي تي دائمي قبضو مڙهڻ لاءِ ٻوڏ واري ڪئنال (چشما جهلم لنڪ ڪئنال) تي پاور پراجيڪٽ ٺاهي آهي ۽ پاڻي پنجاب جي زرعي مقصد لاءِ استعمال ٿيندو گريٽر ٿل ڪئنال جي سائيز وڌائي پئي وڃي ۽ ٻي طرف ڪراچي سميت لاڙ جي حصي وارن ماڻهن کي دوکو ڏيڻ لاءِ (سنڌ بئراج) جو ڊرامو شروع ڪيو ويو آهي ڄاڻايل ٽئي پراجيڪٽ سنڌ لاءِ معاشي ماحولياتي تباهي جا منصوبا آهن جنهن خلاف 2020  ۾ (تحفظ  سنڌ تحريڪ) شروع ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ غير ملڪين جي نيڪالي، سنڌ جا وسيلا سنڌ تي خرچ ڪريو گئس، پيٽرول، ڪوئلي ۽ پٿر جي پيداوار سنڌ جي ماڻهن جي معاشي علمي هنري سگهه وڌائڻ ۽ عورتن جي ڀلائي توڙي غربت جي خاتمي تي خرچ ڪئي وڃي. ڪراچي جامشورو ۽ ٺٽي جي زمين تي رهائشي منصوبن جي آڙ ۾ مقامي ماڻهن کان زمينون کسڻ ۽ قبضا گيريت انهن ۾ پاڪستان جي مرڪزي سرڪاري سنڌ حڪومت سڌي طورتي ملوث آهن اها سڄي سازش سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ڪري سنڌ جي وحدت ۽ وجود کي ختم ڪرڻ واري ايجنڊا جي تڪميل جو حصو آهن اسان ڄاڻايل سنڌ دشمن منصوبن ۽ سنڌ جي ماڻهن جي بهتري لاءِ سنڌ جي سمورين سياسي ڌرين عالمن اديبن ۽ قانوندانن وٽ لنگهي وينداسين اتحاد جوڙي گڏيل جهدوجهد جي راهه هموار ڪنداسين ۽ پنهنجي پارٽي جيئي سنڌ محاذ طرفان پر امن سياسي جهدوجهد کي سگهارو ڪرائي گڏوگڏ سنڌ ۽ هلندڙ برادري تڪرارن کي ختم ڪرڻ سان گڏ ايندڙ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان تياريون مڪمل ڪيون وينديون