آزادي مارچ: حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ معاملا طئه : پشاور موڙ تي جلسو ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد: آزادي مارچ جي حوالي سان حڪومتي ڳالهين واري ٽيم ۽ اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي وچ ۾ معاملا طئه ٿي ويا.ذريعن موجب حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي چيئرمين پرويز خٽڪ رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر اڪرم دراني سان فون تي رابطو ڪيو جنهن ۾ گذريل رات کان جاري ڊيڊلاڪ جو خاتمو ٿيو.ذريعن ٻڌايو ته ڌريون آزادي مارچ لاءِ ٽئين جاءِتي متفق ٿي ويون آهن ۽ پشاور موڙ تي جلسو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ دفاعي وزير پرويز خٽڪ اڄ رات اهم پريس ڪانفرنس ڪندو جنهن ۾ رهبر ڪميٽي ۽ حڪومتي ڪميٽي وچ ۾ اڳڀرائي کان ميڊيا کي آگاهه ڪيو ويندو.ياد رهي ته گذريل ڏينهن اپوزيشن ۽ حڪومتي ڪميٽي وچ ۾ ڳالهين جا ٻه دور ٿيا جيڪي بي نتيجا ثابت ٿيا هئا.