آريسرمسلسل ٽارچرن سيلن ۽ جيلن ۾ بند ٿيندو رهيو پر هن سنڌ سان محبت کي ڪمزور ٿيڻ نه ڏنو;اڳواڻ

 عمرڪوٽ:- جسقم جي باني چيئرمين دانشور قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر جي پنجين ورسي عمرڪوٽ ڀرسان انڙ آباد ۾ ملهائي وئي، ڪورونا وبا سبب جلسو ملتوي ڪيو ويو.جسقم جي چيئرمين اسلم خيرپوري، امير آزاد پنهور، ارباب ڀيل، سرمد ميراڻي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، صالح آريسر، غلام نبي گهانگهرو، تاج جويو، مرتضي چانڊيو، امير باغي، سعيد چانڊيو، آصف راهوجو ٻين عبدالواحد آريسر جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي.ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته جسقم باني چيئرمين عبدالواحد آريسر جي تحرير ۽ تقرير جو محور سنڌ هئي،آريسر سڄي سنڌ جي ڳوٺن، شهرن ۾ وڃي جي ايم سيد جي فڪر جي پرچارڪ ڪئي ۽ ان پاداش ۾ تمام گهڻيون سخت سٺيون مسلسل ٽارچرن سيلن ۽ جيلن ۾ بند ٿيندو رهيو پر هن سنڌ سان محبت کي ڪمزور ٿيڻ نه ڏنو آريسر پنهنجي جدوجهد جي ذريعي سنڌ ۾ سياسي تحرڪ پئدا ڪيو،سندس جدوجهد کي سنڌ هميشه ياد رکندي.ٽنڊوڄام ۾ سنڌ سڄاڳي فورم ۽ حيدرآباد نوجوان اتحاد طرفان جسقم جي باني چيئرمين عبدالوحد آريسر جي پنجين ورسي ۽ سنڌ جي مزاحمتي شاعر خاڪي جويو جي ٻئي ورسي ملهائي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري، امجد رند، ايڊووڪيٽ مرتضى ملاح ۽ ٻين چيو ته عبدالوحد آريسر سائين جي ايم سيد جي فڪر کي سنڌ جي هر شهر ڳوٺ گهر تائين پهچايو. هنن چيو آريسر جي سڄي عمر سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ۾ گذري،سندس وڇوڙو قومپرست سياست لاءِ وڏو خال آهي،جيڪو ڪڏهن نه ڀرجي سگهندو.