آرمي چيف جي ايڪسٽينشن مان تنگ هئاسين، هاڻي ٻين ادارن جا سربراهه به اچي ويا : حاصل بزنجو

اسلام آباد :- نيشنل پارٽي جي سينيٽر حاصل بزنجو قومي اسمبلي ۽ سينيٽ ۾ آرمي ايڪٽ ترميمي بلن جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ تي اڳوڻي اتحادي پارٽين پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندي چيو ته اڄ ملڪ جي ٽن وڏي پارٽين جهموريت کي پارليامينٽ ۾ دفن ڪري ڇڏيو.پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حاصل بزنجو چيو ته اڄ رڳو ٽن ماڻهن لاءِ قانون آندو ويو ته نيول چيف، آرمي چيف ۽ ايئرفورس جي سربراهه کي ايڪسٽينشن ڏني وڃي.هن چيو ته ’’چوندا آهن ته نماز بخشائڻ وياسين پر روزا ڳچيءَ ۾ پئجي ويا‘‘، اسان هڪ آرمي چيف جي ايڪسٽينشن مان تنگ هئاسين، هاڻي ان ۾ نيوي، ايئرفورس ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف به اچي ويا.حاصل بزنجو جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان سمجهون ٿا ته اڄ سياسي پارٽين هن پارليامينٽ ۽ جهموريت سان جيڪو مذاق ڪيو آهي ان کان وڏي زيادتي نٿي ٿي سگهي ۽ اها مذمت جوڳي آهي.نيشنل پارٽي جي سربراهه چيو ته جماعت اسلامي ۽ جميعت علماءِ اسلام (ف) اسان جي مقابلي ۾ وڏيون پارٽيون آهن پر اڄ ننڍڙين پارٽين ڀلي مذهبي هجن، جهموري يا قوم پرست هجن اهي جهموريت سان گڏ بيٺل آهن جڏهن ته ن ليگ ۽ پ پ آمريت سان گڏ بيٺل آهن، آئون سمجهان ٿو ته هنن جيڪو ڪجهه ڪيو اهو مذمت جوڳو آهي.