آرمي چيف جو نوٽيفڪيشن معطل ٿيڻ تي وزيراعظم عمران خان جو قانون واري وزير تي سخت ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان آرمي چيف جي ملازمت واري مدت جي سلسلي ۾ سڀئي لوازمات پورا نه ٿيڻ تي قانون واري وزير تي ڪاوڙجي پيو. رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس شروع ٿيو ته ڪابينا جي ايجنڊا تي ڳالهائڻ بدران سپريم ڪورٽ جي طرفان آرمي چيف جي مدت ملازمت ۾ توسيع جو نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ جو معاملو بحث هيٺ آيو. ذريعن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم عمران خان نوٽيفڪيشن معطل ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ فروغ نسيم تي ڪاوڙجي ڇوهه ڇنڊيا. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان چيو ته جڏهن آرمي چيف جي مدت ملازمت ۾ توسيع جو معاملو طئه ٿي چڪو ته ان ضمن ۾ سڀئي لوازمات پورا ڇو نه ڪيا ويا، قانون واري وزارت غفلت ڇو ڪئي ۽ سڀئي قانوني نقطا پورا ڇو نه ڪيا.؟ذريعن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم جي ڪاوڙ سبب سڀني ميمبرن پهرين خاموشي اختيار ڪري ورتي جنهن کانپوءِ اجلاس ۾ چوٻول شروع ٿي ويا.ذريعن موجب آرمي چيف جي ملازمت مدت جو نوٽيفڪيشن معطل ٿيڻ سبب اجلاس جو ماحول گرم رهيو، جنهن سبب معمول جي ايجنڊا جي ڪارروائي ڪافي دير تائين رڪيل رهي.