آرمي ايڪٽ جي حمايت ڪرڻ تي سينيٽر اشوڪ ڪمار کي پارٽي مان نيڪالي

ڪوئيٽا:-  نيشنل پارٽي جي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ سينيٽ ۾ آرمي ايڪٽ ترميمي بل جي حمايت ڪرڻ تي سينيٽر اشوڪ ڪمار کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو.ان سان گڏوگڏ نيشنل پارٽي هن جي بنيادي رڪنيت به معطل ڪري ڇڏي آهي.هڪ بيان جاري ڪندي نيشنل پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالمالڪ چيو پارٽي آرمي ايڪٽ ترميمي بل جي خلاف ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو.سندس چوڻ هو ته ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪندي سينيٽ ۾ آرمي ايڪٽ ترميمي بل جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو.سندس چوڻ هو ته اشوڪ ڪمار پارٽي جي سياسي سوچ ۽ فلسفي جي نفي ڪئي.نيشنل پارٽي اعلان ڪيو هو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ريفرنس موڪلي پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار جي سينيٽر جي حيثيت سان چونڊ کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ جي درخواست ڪندي