آبي ذخيرن ۾ پاڻيءَ جي آمد ۽ نيڪال جي صورتحال بابت انگن اکرن جي پڌرائي

اسلام آباد:- واپڊا مختلف پاڻي ذخيرن ۾ پاڻيءَ جي آمد ۽ نيڪال جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڪالهه جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياءَ ۾ تربيلا وٽ پاڻيءَ جي آمد 16800 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 35 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياءَ ۾ نوشهره وٽ پاڻيءَ جي آمد 10300 ڪيوسڪ ۽ نيڪال پڻ ساڳيو رهيو، جهلم درياءَ ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 13600 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 15 هزار ڪيوسڪ، چناب ۾ مراله وٽ پاڻيءَ جي آمد 15 هزار ڪيوسڪ ۽ نيڪال 12100 ڪيوسڪ رهي. جناح بئراج ۾ پاڻيءَ جي آمد 28 هزار ڪيوسڪ ۽ نيڪال پڻ ساڳيو رهيو. چشما ۾ پاڻيءَ جي آمد 35700 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 30 هزار رهيو. تونسا بئراج 29800 آمد ۽ نيڪال 29200 ڪيوسڪ رهيو. پنجند ۾ پاڻيءَ جي آمد 25100 ڪيوسڪ ۽ نيڪال ساڳيو رهيو. گدو بئراج 39800 آمد ۽ نيڪال 34500 ڪيوسڪ رهيو. سکر بئراج 28800 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 5400 ڪيوسڪ رهيو. ڪوٽڙي بئراج ۾ 18300 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 4900 ڪيوسڪ رهيو، تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1392 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻيءَ جي موجوده سطح 1480.84 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيري ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻيءَ جو ذخيرو 2.543 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻيءَ جي موجوده سطح 1187.20 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيري ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻيءَ جو ذخيرو 3.573 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. چشما بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، بئراج ۾ پاڻيءَ جي موجوده سطح 446.00 فوٽ، بئراج ۾ پاڻي ذخيري ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.153 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.