آئين موجب اڻپڙهيل شخص ايم پي اي يا ايم اين اي بڻجي سگهي ٿو: فياض چوهاڻ

لاهور:- پنجاب جي اطلاعات واري وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته آئين ۽ قانون موجب اڻپڙهيل شخص ايم پي اي يا ايم اين اي بڻجي سگهي ٿو. پنهنجي هڪ بيان ۾ فياض الحسن چوهاڻ جو چوڻ هو ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي دور ۾ پهريون ڀيرو اقتدار گرس روٽ ليول تائين پهتو آهي، پنجاب لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ سان عوام ۽ چونڊيل نمائندن کي بااختيار بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ماضي جي حڪومتن ۾ ڪنهن وزير مشير وٽ ڪو به اختيار نه هو. هن شهباز شريف کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته نام نهاد خادم اعليٰ سمورا اختيار پنهنجي ذات تائين محدود ڪري رکيا هئا ۽ ان سان گڏ ساڄي کاٻي پاسي ويٺل ماڻهو به اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندا رهيا. پنجاب جي اطلاعات واري وزير فياض الحسن چوهاڻ نواز شريف ۽ آصف علي زرداري کي به تنقيد جو نشانو بڻايو.