آئين جي حفاظت رڳو عدالتن ۽ وڪيلن جي نه پر عوام جي به ذميواري آهي: چيف جسٽس

حيدرآباد :- سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته آئين جي حفاظت ڪرڻ رڳو عدالتن ۽ وڪيلن جو نه پر عوام جي ذميواري آهي، قرآن ۽ سنت  کانپوءِ آئين پاڪستان مقدس آهي. ڪالهه حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن پاران سندسن مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته هي منهنجي لاءِ وڏي عزت افزائي آهي جو مونکي بار کي مخاطب ٿيڻ جي دعوت ملي، منهنجي چيف جسٽس ٿيڻ بعد ڪنهن به بار کي هي منهنجو پهريون خطاب آهي، مون حيدرآباد ۾ وڪيل طور ڪم ڪيو ۽ هتي هاءِ ڪورٽ بينچ ۾ به مقرر رهيس، حيدرآباد ۾ آئون اڪثر پنڌ گهمندو هوس، هن شهر جي عظيم تاريخ آهي، جنهن جي ڪري هن کي نيرون ڪوٽ به سڏيو وڃي ٿو، هتي قائم ڪچي ۽ پڪي قلعي مونکي وڏو متاثر ڪيو، سنڌو درياهه هن شهر جي زندگي آهي، مون سنڌو درياهه ۽ ڦليلي ڪئنال جي ڪپرن تي ويهي وقت گذاريو آهي.  چيف جسٽس چيو ته هتي جيڪي ماڻهو ويٺا آهيو اهي سڀ هن شهر جي ڪريم ۽ سول سوسائٽي آهن. هن چيو ته آئون يقين ٿو ڏياريان ته عدليا ماڻهن کي انصاف فراهم ڪرڻ جي لاءِ خدمت سرانجام ڏئي رهي آهي، بينچ ۽ بار کي گڏجي ملڪ جي شهرين جون زندگيون بهتر بنائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته انصاف فراهم ڪرڻ عدليا جو فرض آهي، منهنجي ڪوشش آهي ته هر شخص کي آئين مطابق انصاف فراهم ٿي سگهي، آئين  ۾ هر پاڪستاني جي حقن بابت وضاحت ٿيل آهي، آئين ۾ هر شهري بينادي ۽ آئيني حقن جهڙوڪ تعليم، صحت ۽ ٻين حقن جو تحفظ موجود آهي، ماڻهو قانون مان لاڀ حاصل نه ڪري رهيا آهن، جنهن جو سماج تي اثر پئجي رهيو آهي. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ تمام گهڻو پوٽينشل موجود آهي، خاص طور تي مين پاور ۽ وسيلا به موجود آهن، پر انتظاميا ۾ شايد اها ڪيپيسٽي ناهي جو ان کي استعمال ڪري سگهي. هن چيو ته آئون انهن سڀني ماڻهن کي جيڪي هن ملڪ ۾ اهميت رکن ٿا انهن کي چوان ٿو ته ماڻهن کي اهو سڀ ڪجهه قانون جي مطابق ڏين جيڪو انهن جو حق آهي ۽ عدم برابري جو خاتمو آڻين. هن چيو ته ماڻهن کي قانوني حقن ڏيڻ لاءِ عدليا سدائين انصاف ڪندي رهندي. هن چيو ته ججن جي ڊيوٽي آهي ته خدا ۽ قانون کي سامهون آڻي ماڻهن جا ڪيس ٻڌن ۽ فيصلا ڪن، هر ڪو عدالت ۾ انصاف جي لاءِ ايندو آهي، قانون چوي ٿو ته ماڻهو انصاف وٺي خوش ٿي عدالتن مان وڃن، ملڪ جي عدالتن جو ڪم آهي ته عوام کي سهولتون ڏيار ڻ لاءِ ان جو عوام جو ساٿ ڏين. هن چيو ته بينچ ۽ بار مقدس اتحاد سان انصاف جي فراهمي يقيني بڻائيندي ته جيئن سرڪار جي طرفان ماڻهن کي سموريون بنيادي سهولتون ۽ خوشحالي ملي سگهي ۽ ماڻهو پنهنجي ۽ خاندان جي زندگي درست انداز ۾ گذاري سگهن. هن چيو ته قرآن ۽ سنت کانپوءِ آئين مقدس ڪتاب آهي، هي ڪتاب ماڻهن پنهنجي چونڊيل نمائندن وسيلي پاڻ لاءِ چونڊيو آهي. هن چيو ته آئين جو تحفظ رڳو عدالتن ۽ وڪيلن جو ڪم ناهي، پر آئين جي حفاظت ڪرڻ ماڻهن جي به ذميواري آهي، جيئن سمورا ڪم ان جي مطابق ٿين، اختيارين جو نه چاهڻ آئين ۾ ڏنل مقصدن جي حاصلات جي رڪاوٽ ۾ مک سبب آهي. هن چيو  ته آئين جي روح سان جيڪي قانون ٺهيا اهي تعليم ۽ صحت ۾ برابري جا موقعا ۽ حق يقيني بڻائين ٿا، پر اهو ڳڻتي جو سبب آهي جو ماڻهو  تعليم ۽ صحت جي ميدان ۾ انهن قانونن مان فائدو نٿا کڻن. هن چيو ته هڪ باوقار زندگي جو حصول يقيني نه پيو ٿي سگهي، جيڪا ناانصافي آهي ۽ اهو سماجي ڍانچي کي منتشر ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جن بنيادي حقن ۽ موقعن جو ذڪر آئين ۾ آهي ان بابت  انتظاميا کي هڪ سنجيده نوٽيس وٺڻ گهرجي.  هن چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح حڪمراني جا جيڪي اصول ٻڌايا هئا اهي وساريا ويا آهن ۽ جناح جون سٺيون ڳالهيون ۽ اصول ڪٻٽ خاني ۾ سجائي رکيا ويا آهن، انهن کي ڪٻٽ مان ڪڍيو وڃي ۽ گڏوگڏ پڙهيو به وڃي. ان موقعي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ شاهه لطيف جي بيت سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪندي چيو ته چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جسٽس گلزار احمد حيدرآباد بار بار ايندو رهيو آهي، رهي ڳالهه منهنجي ته حيدرآباد ته ڇا پر سڄي سنڌ پرين جو پاڇو آهي. هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گذريل 3 سالن  ۾ جيتريون ريگيولر اپيلون هليون آهن، ايتريون گذريل 30 سالن ۾ به نه هليون هونديون. هن چيو ته بار ۽ بينچ گڏجي سنڌ جي ماڻهن کي انصاف فراهم ڪري سگهن ٿا، حيدرآباد ۽ سکر ۾ چاهيون ٿا ته ريگيولر ڪم هلي. ان موقعي تي  تقريب ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جسٽس مشير عالم، جسٽس مقبول باقر،  جسٽس فيصل عرب، جسٽس سجاد علي شاهه ۽ ٻيا شريڪ هئا، جڏهن ته حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار جي صدر امداد علي انڙ آجياڻو ڏنو…