آءِ جي پنجاب شعيب دستگير کي هٽايو ويو ،نئين آءِ جي لاءِ ڪليم امام، رٽائرڊ ڪيپٽن عارف نواز، محسن بٽ ۽ انعام غني جي نالن تي غور

لاهور :- سي سي پي او لاهور سان تڪرار ۽ وڏي وزير جو چوڻ نه وٺڻ آءِ جي پنجاب کي ڳچي پئجي ويو، آءِ جي شعيب دستگير کي هٽايو ويو، وزيراعظم عمران خان به منظوري ڏئي ڇڏي، نئين آءِ جي لاءِ ڪليم امام، رٽائرڊ ڪيپٽن عارف نواز، محسن بٽ ۽ انعام غني جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، ذريعن جو چوڻ آهي ته سي سي پي او لاهور عمر شيخ عهدي تي ڪم جاري رکندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ جي پنجاب سي سي پي او لاهور جي مقرري تي اعتراض واريندي ڪم جاري رکڻ کان انڪار ڪيو هو، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار چيو آهي ته آءِ جِي جَي تڪرار وارو ماملو اڄ ئي حل ٿي ويندو، ڪوبه آفيسر سندس فيوريٽ نه آهي ۽ ميرٽ جي بنياد تي مقررين جي سفارش ڪئي ويندي آهي، پنجاب ۾ ٻن سالن دوران 5 آءِ جيز تبديل ٿي چڪا آهن، وزيراعظم عمران خان به آءِ جي پنجاب کي تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم نئين آءِ جي پنجاب لاءِ نالا گهري ورتا آهن.