آءِ جي سنڌ مشتاق مهر جيڪب آباد جي ٻن سب انسپيڪٽرز سميت 7 اھلڪارن کي ڪاريون رڍون قرار ڏئي ريجن بدر ڪري ڇڏيو

ڪراچي : آءِ جي سنڌ مشتاق مهر جيڪب آباد جي ٻن سب انسپيڪٽرز سميت 7 اھلڪارن کي ڪاريون رڍون قرار ڏئي ريجن بدر ڪري ڇڏيو آهي. ڪاريون رڍون قرار ڏنلن ۾ ايس ايڇ او صدر اصغر تنيو، سب انسپيڪٽر اعجاز علي، اي ايس آءِ عبدالعزيز ڪٽو، فضل محمد ڇلگري، پوليس اھلڪار نظير احمد ۽ الطاف چانڊيو شامل آهن. آءِ جي سنڌ پاران ڪاريون رڍون قرار ڏنل اھلڪارن کي حيدرآباد ريجن ۾ رپورٽ ڪرائڻ جو حڪم به ڏنو ويو آهي. آءِ جي سنڌ مشتاق مهر جي حڪم تي ڊي آئي جي اسٽيبلشمينٽ خادم رند ريجن بدر ڪيل پوليس اھلڪارن کي فيلڊ ۾ نه رکڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو. ريجن بدر ڪيل 5 اھلڪارن جو تعلق صدر ٿاڻي سان آهي، ايس ايڇ او صدر اصغر تنيو ايس ايس پي جيڪب آباد بشير بروهي جو فرنٽ مين سڏبو ھو. اي ايس آءِ سڪندر چانڊيو جي آرڊر ۾ مقرريءَ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ھئڻ باوجود ايس ايس پي جيڪب آباد کيس سيف الله چوڪي جو انچارج مقرر ڪري ڇڏيو ھو