آءِ ايڇ ايس پاران ڪووڊ-19 هيلپ لائين جي مفت فون نمبر(03041117447 ) تي 24 ڪلاڪ صحت متعلق صلاحون وٺي سگھجن ٿيون.

حيدرآباد :- آءِ ايڇ ايس پاران ڪووڊ-19 هيلپ لائين جي مفت فون نمبر(03041117447 ) تي 24 ڪلاڪ صحت متعلق صلاحون وٺي سگھجن ٿيون. آءِ ايڇ ايس جي ميڊيا ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر اشوٿاما ان مفت ٽيلي سروس جا وڌيڪ تفصيل ٻڌائيندي چيو ته هفتي جا ست ئي ڏينهن، مختلف ماهر ڊاڪٽر، ٽيليفون لائين تي مريضن کي سندن بيماري جو علاج ٻڌائيندا. مختلف تڪليفن ۾ مبتلا مريضن کي گھرجي ته هو تفصيل سان علامتن ۽ پنهنجي محسوسات لائين تي موجود ڊاڪٽرن کي ٻڌائن۔ جيئن بهتر ۽ صحيح علاج تجويز ڪرڻ ۾ آساني ٿئي۔ ان سروس لاءِ حيدرآباد جي چلڊرين اسپتال ٽانگا اسٽينڊ ڦليلي ۾ موجود ٽيلي ڊاڪٽر سينٽر جا پنج ڊاڪٽر فاطمه ارشاد، ڊاڪٽر حنا، ڊاڪٽر نسرين قريشي، ڊاڪٽر نازيا رحيم ۽ ڊاڪٽر اعجاز حميد صبح، شام ۽ رات جي شفٽن ۾ موجود هوندا آھن. آءِ ايڇ ايس پاران ان کان علاوه حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ ٿرپاڪر ۾ هلندڙ ٽيلي ڊاڪٽر سروس کي جلد ئي ٻين ضلعن ۾ وڌايو ويو آھي جنهن سان سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن جا ماڻهو شهرن جي ماهر ڊاڪٽرن ۽ وڏين اسپتالن سان ڳنڊجي بهتر صحت سهولتون حاصل ڪري سگھندا. ڊاڪٽر اشوٿاما چيو ته هلندڙ وقت ۾ ڪورونا وبا جي ڦهلاءَ کان بچڻ لاءِ لاڪ ڊائون ۽ محدود ٿي ويل آمدرفت سبب متبادل صحت ماڊل ئي ماڻهن کي زنده رکي سگھي ٿو. انهي ڏس ۾ مفت ھن هيلپ لائين جي آگاهي سان عام ماڻهو ڀرپور لاڀ وٺي سگھي ٿو. هن ميڊيا وسيلي ان ٽال فري نمبر جي    تي شهرين کي پبلڪ ميسيج طور وڌ ۾ وڌ ڦهلائڻ جي اميد ڪئي آهي.