آءِ ايڇ ايس پاران ڪورونا وائرس جو ڦهلاءَ نظر ايندڙ سنگين صورتحال تي رورل هيلٿ سينٽرن ۾ احتياطي بندوبست جو واڌارو

بدين:- ڪورونا وائرس جو ڦهلاءَ نه فقط شهري علائقن پر ٻهراڙين مان به تيزي سان رپورٽ ٿيڻ لڳو آهي. جنهنجو سبب لاڪڊائون کان پهرين وڏي تعداد ۾ ماڻهن جو ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اچ وڃ هجڻ آهي. آءِ ايڇ ايس پاران هاڻوڪي نظر ايندڙ سنگين صورتحال پئدا ٿيڻ وارن خدشن کي سامهون رکي سنڌ جي ڳوٺاڻي سطح تائين صحت سهولتون پهچائڻ لاءِ رورل هيلٿ سينٽرن ۾جوڳا احتياطي بندوبست گھڻو عرصو پهريائين ئي شروع ڪيا ويا هئا. جنهن ۾ هاڻي ڪافي واڌارا پڻ ڪيا ويا آهن. اها ڳالهه آءِ ايڇ ايس بدين ضلعي جي سينئر ڊسٽرڪٽ مينيجر ڊاڪٽر ڪوثرعلي مينڌري، ڪورنا وائرس وبا جي شروعاتي اطلاعن واري عرصي کان وٺي هيل تائين جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ضلعي سطح تي ورتل اپائن جا تفصيل ٻڌائيندي چئي. ڊاڪٽر ڪوثرمينڌري جو وڌيڪ چوڻ هيوته پاڪستان حڪومت جي سرڪاري طور ڪورونا وبا جي پڌرائي ڪرڻ سان ئي ، آءِ ايڇ ايس پنهنجي انتظام هيٺ هلندڙ بدين ضلعي جي يارنهن رورل هيلٿ سينٽرن ۾ فوري طور وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي هدايتن ۽ سهڪار سان منظم نموني سان پلان جوڙي ڪم جو آغاز ڪري ڏنوهو. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ستن هيلٿ فيسلٽي فوڪل پرسن کي ڪورونا وائرس کان بچاءَ ، احتياطن ۽ انفيڪشن جي پکيڙجڻ کي روڪڻ لاءِ خصوصي ٽريننگ ڪرائي وئي. انهي سان گڏ ڪميونٽي جي جاڳرتا ۽ سجاڳي لاءِ بينرن، هينڊ بل ۽ پبلڪ ميٽنگن ۾ کين سماجي فاصلي ۽ بچاءَ جي طريقن کان آگاهي ڏني وئي. انهن پبلڪ گڏجاڻين ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن ڳوٺاڻين عورتن کي صفائي سٺائي جو خيال رکندي ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ ترغيب ڏني. ڊاڪٽر ڪوثر ٻڌايو ته سڀني صحت مرڪزن ۾ هٿن ڌوئڻ جا ڪارنرٺاهڻ سان گڏ چونڊ ستن رورل هيلٿ سينٽرن ۾ 50 بسترن جا آئيسوليشن سينٽر قائم ڪري اسٽاف کي زاتي حفاظت لاءِ پي پي اي مٽيريل ۽ سينيٽائيزر جي موجودگي کي يقيني بڻايو ويو. ان سان گڏ هڪ سرگرم ريپڊ رسپانس ٽيم جوڙي ڪيچمينٽ ايريا جي ٻاهران سفر ڪري آيل ۽ شڪي ڪيسن جي اسڪريننگ جو بندوبست ڪيو ويو ۽ سڀني يارنهن ئي صحت مرڪزن کي مشتبهه ڪيسن جي سنڀال لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر ڪوثر جو اڳتي چوڻ هيو ته ڪورونا وبا جي هن ايمرجنسي صورتحال اسانجو پنهنجو حصو لاڳاپيل هيلٿ ادران سان مظبوط رابطي جي صورت ۾ جاري رکندي روزانو جي بنياد تي ڪورونا ڪيسن جي رپورٽنگ ڪرڻ، جاري هدايتن تحت هيلٿ سينٽرن ۾ سماجي فاصلو رکندي او پي ڊي ۽ اسپتال ۾ ايندڙ مريضن کي ڪورونا متعلق تازي ڄاڻ ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي. سڀني سينٽرن ۾ جراثيم ڪش ڪلورين سان ماحولياتي صفائي کي روز جي معمول جو حصو بڻايو ويو آهي. ڊاڪٽر ڪوثر ضلعي سطح تي آءِ ايڇ ايس پاران چئن ايمبولنسن کي ايمرجنسي رسپانس سرگرمين لاءِ استعمال ڪرڻ سميت ڊي ايڇ او آفيس ۾ ضلعي ايمرجنسي ڪنٽرول لاءِ افرادي سهڪار ڪرڻ جي به آگاهي ڏني. هن چيو ته آئنده لاءِ منظم طريقي سان گھر ويٺل ڳوٺاڻن لاءِ ٽيلي ڪميونيڪيشن کي استعمال ڪرڻ به شامل آهي.