آءِ ايڇ ايس پاران ماڻهن کي بهترين صحت سهولتن پهچائڻ ۽ ٽيلي ميڊيسن يونٽ قائم ڪرڻ ساراه جوڳو عمل: افتتاحي تقريب

حيدرآباد :-  سنڌ گورنمينٽ چلڊرين اسپتال، ٽانگا اسٽينڊ حيدرآباد ۾ ٽيلي ميڊيسن سروس جو افتتاح ڪيو ويو. افتتاحي تقريب جا مهمان خاص قومي اسيمبلي جا ميمبر صلاح دين شيخ ۽ آءِ ايڇ ايس جا هيڊ آف آپريشن طاهر عباس جن هيا. تقريب ۾ اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽررياض الحسن، ڊاڪٽر نگهت لاکير، ڊاڪٽر اشوٿاما ۽ اسپتال جي عملي کان علاوه شهر جي معززين شرڪت ڪئي. صلاح دين شيخ ان موقعي تي ڳالهائيندي چيوته آءِ ايڇ ايس پاران علائقي جي ماڻهن کي بهترين صحت سهولتن پهچائڻ ۽ ان ۾ هن جديد طرز جي ٽيلي ميڊيسن يونٽ قائم ڪرڻ ساراه جوڳو عمل آهي. هن پنهنجي پاران هر قسم جي سهڪار جو يقين ڏياريندي چيو ماڻهن جي صحت ۽ ڀلائي جي هر مثبت قدم ۾ سندن پارٽي ۽ ڪارڪن هميشهه گڏ هوندا. آءِ ايڇ ايس جي هيڊ آف آپريشن طاهر عباس ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي اڪثر ڳوٺاڻن صحت مرڪزن ۾ ڪواليفائيڊ ڊاڪٽرن جي غير موجودگي کي ٽيلي ميڊيسن وسيلي علاج جوسهولتون پهچائڻ م مدد ملندي. هن چيو ڊگهي عرصي کان آءِ ايڇ ايس پاران بار بار ڊاڪٽرن جي مقررين جا اشتهار ڇپايا ويا آهن، پر بدقسمتي سان ڊاڪٽرن جي گهربل تعداد ۾ ڳوٺاڻن مرڪزن ۾ ميسر نه ٿي سگهڻ جو حل هن جديد طرز جي مواصلاتي طبي طريقي تي عمل ڪرڻ سان ممڪن بڻجي سگهندو. طاهر عباس وڌيڪ چيو ته حيدرآباد جي هن تيلي ميڊيسن يونٽ ۾24 ڪلاڪ موجود ميل ۽ فيميل ڊاڪٽر موجود هوندا جن کي سنڌ جي انهن رورل هيلٿ سينٽرن سان ڳنڍيو ويندو، جتي ٽيلي ميڊيسن جي تربيت ورتل پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ سينئر ايل ايڇ ويز ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي مدد سان مريضن لاءِ مشوري ۽ علاج لاءِ رابطي ڪاري ۾ مدد ڏيندا.