آءِ ايڇ ايس پاران صحت مرڪزن ۾ ايمرجنسي هيلٿ ڪيئر سان گڏ ڪيمپون لڳايون ويون

حيدرآباد :- آءِ ايڇ ايس پاران هاڻوڪي برساتن جي متاثر علائقن جي صحت مرڪزن ۾ ايمرجنسي هيلٿ ڪيئر سان گڏ مختلف علائقن ۾ميڊيڪل رليف ڪيمپون به قائم ڪيون آهن. ميرپور خاص ضلعي جي نئون ڪوٽ، جھڏي ۽ ٻين شهرن جي رليف ڪيمپن ۾ وڏي تعداد ۾مريضن کي طبي مدد ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. آءِ ايڇ ايس پاران نئون ڪوٽ فورٽ جي ميڊيڪل ڪئمپ جو ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سنڌ، ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ، سنڌ صحت کاتي جي پروگرام ايڪسيلريٽيڊ ايڪشن پلان جا پروگرام ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر صاحب جان بدر ۽ ڪاشف علي رضا انڙ سان گڏ ضلعي جي صحت کاتي ۽ انتظامي اهلڪارن دورو ڪيو. وفد کي آءِ ايڇ ايس جي ڊسٽرڪٽ مينيجر ڊاڪٽر علي محمد مهر برسات سبب صحت جي صورتحال تي پنهنجن مشاهدن سان گڏ ٻڌايو ته ٻن ڏينهن ۾ ٽي سئو کان وڌيڪ ماڻهن جي طبي چڪاس ۽ کين گھربل علاج ۽ دوائون ڏنيون ويون آهن. جڏهن ته ٽيهن کان وڌيڪ مليريا جون ٽيسٽون ڪيون ويون آهن. هن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته برساتي موسم ۾ وچڙندڙ بيمارين ۾ خاص طور مڇرن جي ڪري ماڻهن جو وڏو تعداد انفيڪشن جو شڪار ٿين ٿا. جن ۾ ڪيترين وائرل بيمارين مليريا ۽ ڊينگي سبب قيمتي زندگين کي خطرو رهي ٿو. هن چيو ته ڪجھ احتياطي اپائن ۽ ماڻهن کي ڄاڻ ۽ سجاڳي ڏيڻ سان انهن کان بچي سگھجي ٿو. ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ جو ان موقعي تي چوڻ هيو ته هن موسم ۾ مختلف طبي مسئلا پئدا ٿيندا آهن. ان سان گڏ نانگ بلائن جيت جڻين، پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ جي صاف سٿرائي نه هجڻ ڪري پيٽ جون بيماريون، دست الٽيون ۽ ڪالرا وغيره ڦهلجڻ جو به انديشو رهي ٿو. هن جو چوڻ هيو صحت کاتي ان مد ۾ جوڳا بندوبست ڪيا آهن، پر ماڻهن کي به صاف پاڻي اٻاري پيئڻ ۽ خوراڪ تازي کائڻ کپي