آءِ ايڇ ايس پاران بدين ضلعي جي ٽن وڌيڪ رورل هيلٿ سينٽرن ۾ مفت الٽرا سائونڊ سروس جو اضافو ڪيو ويو

حيدرآباد بدين :- آءِ ايڇ ايس پاران بدين ضلعي جي ٽن وڌيڪ رورل هيلٿ سينٽرن کوسڪي، پنگريو ۽ نندو شهر ۾ مفت الٽرا سائونڊ سروس جو اضافو ڪيو ويوآهي. جڏهن ته هن کان پهريائين چئن هيلٿ فيسلٽين ٽنڊو علام علي، ڪڙيو گھنور،ٺري نظاماڻي ۽ راڄوخاناڻي ۾اها سروس ڪافي عرصي کان جاري آهي. اها ڳالهه آءِ ايڇ ايس جي آپريشن هيڊ طاهر عباس انهن ٽن نون صحت مرڪزن لاءِ سونولاجسٽ جي مقرري جي موقعي تي آگاهي ڏيندي چئي. طاهر عباس جو وڌيڪ چوڻ هيو ته ضلعي جي رورل هيلٿ سينٽرن کوسڪي، پنگريو ۽ نندو شهرن ۾ شروعاتي طور هفتي جا ٻه ٻه ڏينهن هر سينٽر تي الٽراسائونڊ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر ارمانه صدف مريضن جو معائنو ڪندي. ڊاڪٽر ارمانه صدف ميڊيڪل گريجوئيٽ هجڻ سان گڏ ڊپلوما ان ريڊيو ميڊيڪل ڊائگنوسز ( ڊي ايم آرڊي) آهن. سندس چوڻ هيو ته ٻهراڙين جي ڳوٺاڻن صحت مرڪزن ۾ پرائمري هيلٿ ڪيئر لاءِ الٽراسائونڊ جي وڏي اهميت آهي. خاص طور اميد وارين عورتن کي ويم ٿيڻ تائين، وقت به وقت چيڪ اپ ڪندو رهڻ سان، ڪنهن وقت ٿيندڙ ڪا زناني پيچيدگي جو فوري طور علاج ممڪن ٿي سگھي ٿو. سڀ کان اهم ڳالهه ته الٽراسائونڊ سان ويم جي پيچيدگين جي اڳواٽ چيڪ اپ، سان ويم دوران مائن ۽ نون ڄمندڙمعصوم ٻارن جي فوتگين جي انگ ۾ گھٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي.
سونولاجسٽ ڊاڪٽر ارمانه صدف جو ان موقعي تي چوڻ هيو ته الٽرا سائونڊ جي معائني سان ٻار جي دل جي ڌڙڪڻ، سندس پوزيشن، حرڪت ۽ نشونما تي نظر رکڻ سان گڏ، ٻارجي سنگل يا جاڙن ٻارن هجڻ جو پتو به لڳايو ويندو آهي. ڊاڪٽر ارمانه صدف وڌيڪ ٻڌايو ته الٽراسائونڊ سان حمل جو عرصو ۽ ڊليوري جي تاريخ جو حساب به ڪري سگھبو آهي. هن اهڙي تاثر کي رڌ ڪيو ته الٽرا سائونڊ ڪرائڻ، اميد وارين عورتن ۽ سندن ٻارن لاءِ نقصانڪار آهي.بلڪه باقائده معائني سان ئي ويم جو عمل بهتر طبي طريقي سان ٿي سگھي ٿو. ڊاڪٽر صدف بغير سبب جي الٽرا سائونڊ ڪرائڻ کي غير مناسب قرار ڏنو.